ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي براڊ ڪاسٽر 2026ع ۾ شيڊيول ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کان اڳ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) لاءِ مسئلا وڌائي ڇڏيا.
ذريعن موجب، نجي براڊ ڪاسٽر طرفان آءِ سي سي کي معاهدو ختم ڪرڻ بابت باظابطا نوٽيس اُماڻي ڇڏيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته براڊ ڪاسٽر طرفان 25 ڪروڙ ماليت جي نقصان کانپوءِ معاهدو ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته آءِ سي سي ۽ ڀارتي نجي براڊ ڪاسٽر وچ ۾ 3 بلين آمريڪي ڊالرز جو معاهدو طئي ٿيو هو.
You might also like