” علم حاصل ڪريو، پينگهي کان قبر تائين“، ٿر واسي 79 ورهين جي رٽائرڊ اُستاد قانون جي ڊگري ماڻي ورتي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ٿرپارڪر سان واسطو رکندڙ سرڪاري اسڪول جي رٽائرڊ استاد 79 ورهين جي ڄمار ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان قانون جي ڊگري ماڻي ورتي.
عمر رڳو هڪ انگ آهي ۽ سکڻ جو ڪو وقت مقرر ناهي، ان ڳالهه کي ٿرپارڪر جي تعلقي ڏيپلي جي ڳوٺ هيلاريو پير واسي رٽائرڊ استاد سُک رام داس سچ ثابت ڪري ڏيکاريو آهي.
اٺن پٽن ۽ هڪ نياڻي جي پيءُ سُک رام داس 74 ورهين جي عمر ڪراچي يونيورسٽي جي قانون واري شعبي ۾ داخلا ورتي هئي ۽ 79 ورهين جي عمر ۾ قانون جي ڊگري حاصل ڪئي.
سُک رام مسئلن جو حل ڳولي نئين نسل لاءِ هڪ عملي مثال قائم ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.