پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور بس ريپڊ ٽرانزٽ (بي آر ٽي) خطرناڪ حادثي جو شڪار ٿي وئي، جنهن ۾ ڊرائيور ۽ 3 عورتون زخمي ٿي پيون.
رپورٽن موجب ڊرائيور جي طبعيت خراب ٿيڻ سبب بس حادثي جو شڪار ٿي، جيڪا جنگلي سان ٽڪرائجي وئي.
ريسڪيو ترجمان ٻڌايو ته اسلاميا ڪاليج پشاور وٽ بس حادثي جو شڪار ٿي، جنهن ۾ زخمي 3 عورتن ۽ ڊرائيور کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جن جي حالت سڌرندڙ آهي.
You might also like