نيشنل گيمز: ارشد نديم سونو ٻِلو کٽي ورتو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ايٿليٽ ارشد نديم جيولين ٿرو ايونٽ ۾ گولڊ ميڊل پنهنجي نالي ڪري ورتو.
سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ جاري 35 هين نيشنل گيمز جي جيولين ٿرو جي مقابلي ۾ ارشد نديم 81.81 ميٽر ٿرو سان پهرئين نمبر تي رهيو.
شاندار ڪارڪردگي تي ارشد نديم گولڊ ميڊل حاصل ڪيو، جڏهن ته مقابلي ۾ واپڊا جي ياسر سلطان 70.77 ميٽر ٿرو ڪري سلور ميڊل کٽيو.
پاڪ فوج جي ابرار علي 67.68 ميٽر جي ٿرو سان برانز ميڊل پنهنجي نالي ڪيو.

You might also like