ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ايٿليٽ ارشد نديم جيولين ٿرو ايونٽ ۾ گولڊ ميڊل پنهنجي نالي ڪري ورتو.
سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ جاري 35 هين نيشنل گيمز جي جيولين ٿرو جي مقابلي ۾ ارشد نديم 81.81 ميٽر ٿرو سان پهرئين نمبر تي رهيو.
شاندار ڪارڪردگي تي ارشد نديم گولڊ ميڊل حاصل ڪيو، جڏهن ته مقابلي ۾ واپڊا جي ياسر سلطان 70.77 ميٽر ٿرو ڪري سلور ميڊل کٽيو.
پاڪ فوج جي ابرار علي 67.68 ميٽر جي ٿرو سان برانز ميڊل پنهنجي نالي ڪيو.
Prev Post
You might also like