دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ڀارتي ٽيم تي ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو .
آءِ سي سي موجب، ڀارتي ٽيم تي 3 ڊسمبر رائپور ۾ ڏکڻ آفريڪا خلاف کيڏيل سيريز جي ٻئي ون ڊي ۾ سلو اوور ريٽ تي ميچ فيس جو ڏهه سيڪڙو ڏنڊ مڙهيو ويو آهي.
آءِ سي سي جو چوڻ آهي ته ڀارتي ٽيم مقرر وقت تائين ٻه اوور گهٽ هلايا هئا، ضابطن جي آرٽيڪل 2.22 تحت اوور ريٽ جي ڀڃڪڙين تي هر اوور تي رانديگرن تي ميچ فيس جو پنج سيڪڙو ڏنڊ هنيو ويندو آهي.
واضح رهي ته رائپور ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا ڀارت جو 359 رنسن جو جبل جيڏو هدف چئن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو هو، جڏهن ته ٽن ميچن جي سيريز ۾ ڀارت 1-2 تان فاتح رهيو.
Prev Post
بالي ووڊ جو ناليوارو فلمساز ٺڳيءَ جي ڪيس ۾ زال سوڌو گرفتار، ڇرڪائيندڙ تفصيل سامهون اچي ويا
Next Post
You might also like