ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي ناليواري هدايتڪار وڪرم ڀٽ کي سندس گهرواري سميت گرفتار ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، وڪرم ڀٽ ۽ سندس زال شويتامبري ڀٽ کي راجسٿان ۾ داخل هڪ وڏي مالي فراڊ جي ڪيس ۾ گذريل ڏينهن ممبئي مان گرفتار ڪيو ويو.
اُديپور پوليس جي اسپيشل ٽيم فلمساز ۽ سندس گهرواري کي گرفتار ڪري عدالت مان 9 ڊسمبر تائين جو ٽرانزٽ ريمانڊ حاصل ڪري ورتو آهي.
ڪيس موجب، وڪرم ڀٽ، سندس زال ۽ ٻين 6 ڄڻن مٿان اُديپور جي ”ڊاڪٽر انڊيرا گروپ آف ڪمپنيز“ جي باني اجئي مرديا کي لڳ ڀڳ 30 ڪروڙ رپين جي مبينا فراڊ جو نشانو بڻائڻ جو الزام آهي.
ڊاڪٽر مرديا دعويٰ ڪئي آهي ته سندس سورڳواسي زال جي حياتي تي ٺهندڙ بايوپڪ ۽ ٻين فلمن جي نالي تي وڏي منافعي جون دعوائون ڪري رقم ورتي وئي، پر منصوبا مڪمل نه ڪيا ويا.
ڀارتي پوليس موجب، مئي 2024ع ۾ مرديا ۽ ڀٽ خاندان وچ ۾ 4 فلمن جي تياريءَ جو معاهدو ٿيو هو، جنهن جي مجموعي ماليت 47 ڪروڙ رپيا هئي، شروعاتي ٻن منصوبن جي مڪمل ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي وئي، جڏهن ته باقي فلمون نه ٺهي سگهيون.
جاچ دوران اِها ڳالهه سامهون آئي ته مبينا طور جعلي وينڊرن جي نالي تي فرضي بل ۽ انگن اکرن جي هيرا ڦيري سان تيار ڪيل دستاويزن ذريعي رقم ڪڍرائي وئي، جنهن سان شڪايت ڏيندڙ کي لڳ ڀڳ 30 ڪروڙ رپين جو نقصان ٿيو.
پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته گرفتاري کانپوءِ عدالت ۾ پيش ٿيڻ دوران انڊسٽري سان واڳيل جوڙي جي وڪيلن موقف اختيار ڪيو ته پوليس بنا مناسب قانوني طريقيڪار جي گرفتاري ڪئي ۽ جوابدارن مٿان دٻاءُ وجهي خالي تاريخ ۽ وقت کانسواءِ هڪ دستاويز تي صحيحون پڻ ڪرايون.
ميڊيا رپورٽن موجب، فلمساز جي وڪيلن الزام مڙهيو آهي ته پوليس ڌمڪي ڏني هئي ته جيڪڏهن سهڪار نه ڪيو ويو راجسٿان ۾مٿن تشدد ڪيو ويندو.
عدالت ٻنهي ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ وڪرم ڀٽ ۽ سندس گهرواري جو ٽرانزٽ ريمانڊ 9 ڊسمبر تائين منظور ڪري ورتو آهي.
بالي ووڊ جو ناليوارو فلمساز ٺڳيءَ جي ڪيس ۾ زال سوڌو گرفتار، ڇرڪائيندڙ تفصيل سامهون اچي ويا
Next Post
You might also like