سڄي عمر جدوجهد ڪندي گذري آهي، هاڻي به فلمسازن کي ڪم لاءِ فونون ڪندو آهيان: منوج باجپائي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي ور اسٽائيل اداڪار منوج باجپائي بالي ووڊ اداڪارن کي هڪٻئي کان عدم تحفظ جو شڪار قرار ڏئي ڇڏيو.
منوج باجپائي ويجهڙ ۾ پنهنجي مشهور ويب سيريز”دي فيملي مين“ جي ٽئين سيزن جي پروموشنل مهم دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي انڊسٽريءَ ۾ اداڪار ڪڏهن به هڪٻئي جي واکاڻ ناهن ڪندا، هو ڪڏهن به ڪنهن جي ڪم کي ساراهيندا به ناهن، ڇاڪاڻ ته هو عدم تحفظ جو شڪار آهن.
اداڪار پنهنجي جدوجهد بابت ڳالهائيندي چيو ته ”سڄي عمر جدوجهد ڪندي گذري آهي، مان هاڻي به ڪم لاءِ فلمسازن کي فون ڪندو آهيان، ڇو ته مان پيدائشي طور جدوجهد ڪرڻ وارو آهيان.“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.