سور جي شدت گهٽائڻ يا دماغ کي تيز رکڻ جي لاءِ ڳائڻ جا ڪيترائي فائدا ٿي سگهن ٿا، خاص طور تي جڏهن ماڻهو گڏجي ڳائن.
گڏجي ڳائڻ سان ماڻهو هڪٻئي جي ويجهو اچن ٿا ۽ اهو طريقو جسم بيمارين سان جيهڙڻ ۽ محفوظ بڻائڻ لاءِ تيار ڪري ٿو.
ڪيمبرج ميوزڪ ٿراپي انسٽيٽيوٽ جي محقق اليڪس سٽريٽ چيو آهي ته ”ڳائڻ هڪ جسماني، جذباتي ۽ سماجي عمل آهي.“
نفسياتي ماهرن ڊگهي عرصي کان ڏٺو آهي ته جيڪي ماڻهو گڏ يا گروپ ۾ ڳائن ٿا، اهي سماجي لاڳاپن جو مضبوط احساس پيدا ڪن ٿا، جيتوڻيڪ ڪجهه ماڻهو ڳائڻ کان ڪيٻائيندا آهن.
تحقيق جي نتيجن مان ثابت ٿيو آهي ته هڪٻئي لاءِ مڪمل اوپرا ماڻهو به هڪ ڪلاڪ تائين گڏ ڳائڻ کانپوءِ غير معمولي طور هڪٻئي جي ويجهو ٿي ويندا آهن.
ڳائڻ ذريعي ڦڦڙن ۽ تنفس واري نظام لاءِ واضح جسماني فائدا تعجب جوڳي ڳالهه ناهي، مثال طور ڪجهه محققن ڦڦڙن جي بيمارين ۾ وڪوڙيل مريضن جي مدد لاءِ ڳائڻ جو سهارو ورتو آهي.
جهونگارڻ سان دل جي ڌڙڪن ۽ بلڊ پريشرر بهتر ٿئي ٿو، جڏهن ته گروپ جي صورت ۾ ڳائڻ سان جسم جو مدافعتي نظام بهتر ٿئي ٿو.
انهن سمورين ڳالهين جون مختلف وضاحتون آهن.
جسماني حوالي سان ڏٺو وڃي ته ڳائڻ سان اعصابي نظام ۾ موجود ” ويگس نرو “ سرگرم ٿئي ٿي جيڪا ” ووڪل ڪورڊ“ ( آواز پيدا ڪرڻ واري پٺي) ۽ ڪنڌ جي پٺيان موجود پٺن سان جڙيل هوندي آهي.
ڳائڻ وقت گهڻي دير تائين ساهه ٻاهر ڪڍڻ سبب هڪ خاص ڪيميڪل ” اينڊروفن “ خارج ٿيندو آهي جيڪو سور جي احساس کي ختم ڪري ٿو ۽ مزاج کي بهتر بڻائي ٿو.
ڳائڻ سان دماغ جي ٻنهي پاسي موجود اُهي حصا فعال ٿين ٿا، جيڪي ٻولي، حرڪت ۽ جذباتي مامرن کي ڪنٽرول ڪندا آهن، ڳائڻ دوران مخصوص انداز ۾ منهن مان هوا خارج ڪرڻ سان ذهني دٻاءُ به گهٽجي ويندو آهي.
اليڪس سٽريٽ جو چوڻ آهي ته ” بهتر محسوس ڪرڻ واري احساس سان، آواز، چهري جا تاثر ۽ ويهڻ جو انداز وڌيڪ واضح ٿئي ٿو.
انهن سمورن فائدن جا نهايت گهرا ڪارڻ پڻ آهن.
ماهرن جو خيال آهي ته اسان جي وڏڙن ڳالهائڻ کان اڳ ڳائڻ شروع ڪيو ۽ هو آواز جو استعمال ڪندي فطري آوازن جي نقل ڪندي پنهنجا جذبا ظاهر ڪندا هئا.
سٽريٽ موجب، ” هي ڪو حادثو ناهي، گيت هر انسان جي جيون جو حصو آهي، ڀلي ان جو لاڙو موسيقي ڏانهن هجي يا نه، ڇو ته اسان جا دماغ ۽ جسم ڄمندي ئي گيت تي هاڪاري طريقي سان جواب ڏيندا آهن.“
هن چيو ته ” ٻارن کي به گيت ٻڌايا ويندا آهن ۽ مختلف مذهبي روايتن ۾ ڪنهن جي مرڻ تي به گيتن ذريعي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي آهي، اسان اهم شيون به ڌن ۾ جهونگاريندي ياد ڪندا آهيون. “
طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته ڳائڻ سان صحت تي هاڪاري اثر پوندا آهن، سڄي دنيا ۾ ڪينسر ۽ اڌ رنگ جهڙين بيمارين ۾ مبتلا مريضن کي موسيقي ڪميونٽي ۾ شامل ڪيو ويندو آهي ۽ ڏٺو ويندو آهي ته ڳائڻ سان انهن بيمارين ۾ وڪوڙيل ماڻهن جي صحت بهتر ٿي يا نه.
عام طور تي سمجهيو ويندو آهي ته پسار صحت لاءِ فائديمند آهي پر ڳائڻ ذريعي عام طور تي به صحت بهتر ٿئي ٿي.
يونيورسٽي آف هيلمٽن جي ايسوسيئيٽ پروفيسر ايڊم لوئس چيو آهي ته ڳائڻ جسماني ورزش وانگر اثرائتو آهي.
ساهه جي دائمي بيمارين وارن ماڻهن کي ڳائڻ سان گهڻو فائدو ٿئي ٿو.
انگلينڊ ۾ پروفيشنل گلوڪارن کي ڪووڊ مريضن سان ڳائڻ جي مشق ذريعي ساهه کڻڻ ۾ مدد ملي آهي.
انهن سمورن فائدن باوجود ڳائڻ هر هڪ لاءِ گهڻو لاڀائتو ناهي، ڪوويڊ وبا جي شروعاتي دور ۾ گروپ ۾ گيت ڳائڻ دوران وڏي انگ ۾ وائرس هوا ۾ خارج ٿيو.
پر ڳائڻ جو سڀ کان وڏو فائدو اِهو آهي ته دماغ جي صحت بهتر ٿئي ٿي، جنهن جو هڪ مثال آمريڪي ڪانگريس رڪن گبلرئيل گيفورڊ کي 2011 ۾ قاتلاڻي حملي ۾ مٿي ۾ گولي لڳي.
ڪيئي ورهين تائين جاري رهندڙ علاج ۽ ٿراپي ذريعي گبرئيل کي پتو پيو ته پنهنجي ننڍپڻ جي گيتن جي مدد سان ڪيئن کيس ڳالهائڻ، پڙهڻ ۽ لکڻ ۾ مدد ملي .
محققن جو چوڻ آهي ته اڌ رنگ ۽ اسٽروڪ سبب متاثر ماڻهن جي ڳالهه ٻولهه بهتر بڻائڻ لاءِ ساڻن گڏ ڪيئي ڪلاڪن تائين ڳائڻ جي مشق ڪئي ويندي آهي.
اهڙي ريت ڪيئي تحقيقي مقابلن ۾ به گيتن ذريعي ويسر جي شڪار ماڻهن جي ياداشت بهتر ٿي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته وڏي عمر وارن ماڻهن جي ياداشت بهتر ڪرڻ ۾ گيت جهه مدد ضرور ڪري سگهن ٿا پر ان بابت سائنسي حوالي سان حتمي ثبوت لاءِ وڌيڪ وقت ۽ تحقيق جي ضرورت آهي ته ڳائڻ سان ياداشت ۾ کوٽ جي رفتار گهٽائي ۽ روڪي سگهجي ٿي.
پر ايلڪس سٽريٽ جو خيال آهي ته هر تحقيق ۾ ڳائڻ جا نهايت هاڪاري اثر ظاهر ٿيا آهن.
You might also like