لاهور (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته نوان صوبا اڳ ۾ اتي ٺاهيا ويندا، جتي اتفاق راءِ موجود هجي.
لاهور ۾ سينيئر صحافين سان گفتگو ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته قومي اسيمبلي ۾ نوان صوبا ٺاهڻ لاءِ اڳ ئي ڪجهه علائقن تي گڏيل موقف موجود آهي، 20 نوان صوبا ٺاهڻ بدران اڳ ۾ انهن علائقي ۾ عملدرآمد ڪيو وڃي، جتي اتفاق راءِ آهي.
هن ياد ڏياريو ته ان وقت پ پ وٽ قومي اسيمبلي ۾ اڪثريت نه هئي، جڏهن نوان صوبا ٺاهڻ تي فيصلو ڪيو ويو هو، پارٽي جي پنهنجي تجويزن تي عملدرآمد جلد ٿيڻ گهرجي ۽ جيڪو ڪم طئي هو، اهو جاري آهي.
Prev Post
You might also like