سون جي اگهه ۾ سوين رپيا لاٿ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ اڄ سون جي اگهه ۾ لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 1900 رپيا لاٿ کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت 4 لک 41 هزار 862 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 1629 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 3 لک 78 هزار 825 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 19 ڊالر گهٽجڻ سان 4195 ڊالر في اونس آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.