يورپي ملڪ لاٽويا ۾ مردن جي ايتري کوٽ ٿي وئي جو وڏي انگ ۾ عورتون پنهنجي روز مرهه جي گهريلو ڪمن ۾ مدد لاءِ ڪرائي تي مرد فراهم ڪندڙ سروسز حاصل ڪرڻ تي مجبور آهن.
يورو اسٽيٽ جي هڪ رپورٽ موجب لاٽويا ۾ عورتن جو انگ مردن جي ڀيٽ ۾ 15.5 سيڪڙو وڌيڪ آهي، جڏهن ته ورلڊ اٽلس موجب ملڪ ۾ 65 ورهين کان وڏي عمر جي ماڻهن ۾ عورتن جو انگ مردن کان ٻيڻو آهي، ملڪي سطح تي مردن جي کوٽ سبب گهريلو زندگي متاثر ٿي رهي آهي.
هڪ عورت ڊائنا صحافين کي ٻڌايو ته مون سان گڏ ڪم ڪندڙ سموريون ئي عورتون آهن، توڙي جو اهو ڪو مسئلو ناهي پر بهتر صنفي توازن سماجي ميل جول کي وڌيڪ دلچسپ بڻائي سگهي ٿو.
سندس دوست زيني چيو ته اسان جون ڪيتريون ئي ساهيڙيون شريڪ حيات لاءِ ٻين ملڪن جو رُخ ڪنديون آهن.
پر رڳو رومانس لاءِ نه ٻين گهريلو ڪمن ڪارن لاءِ به عورتن کي مردن جي ضرورت پوندي آهي.
مختلف پليٽ فارمز طرفان عورتن کي عارضي ”مڙسن“ جون خدمتون پيش ڪيون وينديون آهن، جيڪي پلمبنگ، ڪارپينٽنگ، مرمت، ٽي وي انسٽاليشن جهڙن عام ڪمن ۾ مدد فراهم ڪندا آهن.
هڪ سروس جو ته واعدو آهي ته عارضي مڙس ڀت کي رنگ ڪري سگهي ٿو، پردا ٺيڪ ڪري سگهي ٿو ۽ پوءِ ڪنهن به ڳالهه ٻولهه بنا واپس هليو ويندو.
ان ملڪ جي آبادي ۾ عدم توازن جو هڪ وڏو ڪارڻ اتي مردن جي سراسري عمر ۾ گهٽ هجڻ آهي، ڇو ته اتي تماڪ واپرائڻ جي شرح تمام گهڻي آهي.
Next Post
You might also like