فوج ۽ سپهه سالار تي تنقيد بليڪ ميلنگ آهي، ذهني مريض ڪڏهن به ملڪ جي حق ۾ نه ڳالهائيندو: طلال چوڌر ي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مملڪتي گهر ووزير طلال چوڌري پاڪستان تحريڪِ انصاف جي قيادت کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته پاڪ فوج ۽ ان جي سربراهه تي تنقيد بليڪ ميلنگ آهي، هي وري ڪنهن جي ڪُلهي ذريعي اقتدار چاهين ٿا.
پنهنجي وڊيو بيان ۾ طلال چوڌري جو چوڻ هو ته عوام پشاور ۾ پي ٽي آءِ جسلي ۾ انهن جو حال ڏٺو، جلسي ۾ گار گند ۽ تنقيد کانسواءِ ڪجهه نه هو، ڊي جي آءِ ايس پي آر جيڪي ڳالهيون پهاڪن ۾ چيون، هنن ثابت ڪري ڏيکاريو ته هو اصل ۾ ائين ئي آهن.
طلال چوڌري چيو ته ڪنهن جي ڪلهي تي چڙهي اقتدار تائين پهچڻ وارا اڄ ادارن خلاف زهر اوڳاڇي رهيا آهن، معرڪاءِ حق ۾ دشمن کي شڪست ڏيندڙ پاڪ فوج کي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو، پي ٽي آءِ جي پشاور جسلي ۾ ادارن تي الزام مڙهيا ويا، آئي ڏينهن پي ٽي آءِ جي ايڪس هينڊل تان ملڪي ادارن خلاف تنقيد ڪئي ويندي آهي، ڪير ڪيستائين خاموشي اختيار ڪري سگهي ٿو؟
مملڪتي وزير پي ٽي آءِ تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو ته فوج ۽ ان جي سربراهه تي تنقيد بليڪ ميلنگ ڪرڻ لاءِ ڪئي پئيوڃي، هو ٻيهر ڪلهن تي چڙهي اقتدار حاصل ڪرڻ چاهين ٿا، پاڻ کي سڀ کان ضروري ۽ اڻٽر سمجهندڙ ذهني مريض ئي ٿي سگهي ٿو، هاڻي ڳالهين جي دعوت نه ڏينداسين.
هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ هڪ طريقو اپنايو آهي ته پاڪستان جي ادارن تي تنقيد ڪئي وڃي، ذهني مريض ڪڏهن به ملڪ جي حق ۾ نه ڳالهائيندو، ذهني مريض کان ڪنهن کي به فيض حاصل نه ٿيندو، ڪلها نه هجن ها ته توهان وزيراعظم به نه بڻجي سگهو ها.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.