ڇا ڪي پي ڪي ۾ گورنر راڄ لاڳو ٿيندو ؟ ڇا تحريڪ انصاف جو حشر به ايم ڪيو ايم لنڊن جهڙو ٿيڻ وڃي پيو؟ خان صاحب کي اڊيالا جيل مان ڪڍي ٻي جاءِ تي منتقل ڪرڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن؟ ستاويهين ترميم پاس ٿي وئي 28 هين ترميم جون تياريون شروع ٿي ويون آهن۔ فيلڊ مارشل جو نئين ذميواري وارو نوٽيفڪيشن به گهڻي شور ۽ قياس آرائين کان پوءِ نڪري ويو۔ ايندڙ پنجن سالن لاءِ ملڪ لاءِ سندس خدمتون ورتيون ويون آهن۔ آئيني عدالت به جڙي وئي۔ بظاهر ملڪ جا سڀ ادارا مضبوطي ۽ آزادي سان ڪم ڪرڻ ۾ رڌل نظر اچن پيا پر ان سڄي پرسڪون ماحول کي گرم ڪرڻ ۾ تحريڪ انصاف ڄنگهه اڙائي پئي۔ اهو مان نه پيو چوان پر طاقتور ڌرين جو اهو خيال آهي جنهن جو مثال گذريل ڏينهن واري ڪيل اهم پريس ڪانفرنس آهي۔
ڊي جي آئي ايس پي آر جي پريس ڪانفرنس کان پوءِ سڀني کي لکڻ ۽ ڳالهائڻ لاءِ هڪ نئون موضوع ملي ويو آهي۔ ڊي جي جي لفظن جي چونڊ، انداز بيان، لهجي ۽ فيصل واوڊا جهڙن ماڻهن جي خيالن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ملڪ ۾ ڇا ٿيڻ وارو آهي ۽ ان جا ملڪ تي ڪهڙا اثر پوندا ؟ فيصل واوڊا جون ڳالهيون ماضي واري شيخ رشيد جي ياد تازه ڪن پيون۔ شيخ به پنهنجي نمڪ حلالي ثابت ڪرڻ لاءِ ان انداز سان گفتگو ڪندو رهندو هو سو اهي سڀ سڪون فيصل واوڊا مان لاهي سگهجن پيون واوڊا جون ڪجهه ڳالهيون ڪنهن پهتل پير جي اگهيل جملن کان گهٽ ناهن رهيون هاڻي اها سندس ڪرامت، سياسي بصيرت يا وري رٽايل سبق آهي ان جو فيصلو وقت تي ڇڏي ڏيون ٿا۔
اڄ کان پندرهن ويهھ سال اڳ مختلف نغمن ۽ گيتن کي جديد ميوزڪ مطلب نوان ساز هڻي نغمن ۽ گيتن کي نئون ڪري پيش ڪيو ويندو هو۔ هاڻي وري پراڻن ڪلامن کي نون اڀرندڙ راڳي پنهنجي خوبصورت آواز ۾ نئين سر ڳائي نئين انداز سان متعارف ڪرائن پيا۔ ان کان سواءِ پراڻن فلمن کي نئين ڪاسٽ سان ٿورو گهڻو ڦيري گهيري هڪ دفعو ٻيهر رليز ڪرڻ جو سلسلو هليو هو پر اهي فلمون ايڏيون ڪامياب نه ٿيون جنهن جي پروڊيوسر کي توقع هوندي هئي۔ سو هاڻي به ملڪي حالتن ۾ به ڪنهن قسم جي تبديلي ناهي بس ڪردارن کي تبديل ڪري پراڻي فلم نئين سر ڪامياب ڪرڻ جي جهلڪ نظر آئي۔
بيشڪ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هڪ مضبوط فوج ملڪ جي سلامتي لاءِ تمام ضروري آهي۔ خاص طور ان وقت جڏهن توهان جي ٻنهي پاسن کان دشمن ويٺا هجن۔ ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته هندستان ۽ افغانستان پاڪستان جا ويري ملڪ آهن۔
ڊي جي، جي ڪيل پريس ڪانفرنس به منهنجي حساب سان (Remix) کان وڌيڪ ڪجهه نه هيو بس صرف جيڪڏهن ڪا تبديلي هئي ته اها فقط وقت جي هئي ڇو ته 2025 جو آخري مهينو شروع ٿي چڪو آهي بس سال ۽ مهينين جي تبديلي آهي باقي ڳالهيون سڀ پراڻيون هيون۔ باقي ڊي جي اعلان ڪيو ته فوج جو سياست سان ڪو تعلق ناهي۔ سياستدان پنهنجا فيصلا ڪرڻ ۾ آزاد آهن اها ڀلي ڳالهھ آهي۔
اسان وٽ قانون ۽ اصول جون ڳالهيون ان وقت ڳالهايون وينديون آهن جڏهن ڪنهن کي دٻائڻو هجي هيسائڻو هجي يا وري پنهنجو فائدو وٺڻو هجي۔ عمران خان پنهنجي ساڍن ٽن سالن ۾ پنهنجي سنگتين سميت پنهنجي سياسي مخالفن سان جيڪو حشر ڪيو ان جي مثال ملڻ مشڪل آهي سعد رفيق جو انٽرويو ٻڌي ايئن لڳي پيو ڄڻ ته هت انسانيت آهي نه؟ ان وقت خان ۽ سندس سنگت قانوني شقن جيل اصولن جون ڳالهيون ڪندي نه ٿڪندا هئا هاڻي وري ساڳيو خان پنهنجو پاڻ کي مظلوم ثابت ڪرڻ لاءِ جتن ڪري ٿو ۽ حڪومتي ڌر جا ماڻهو وري قانون ۽ اصول جون ڳالهيون ڪرڻ ۾ مصروف آهن۔
هن وقت دنيا جون حقيقتون عام ماڻهو جي سمجهھ کان ٻاهر آهن۔ حقيقت کي حقيقت تسليم ڪرڻ لاءِ به هزار ڀيرا سوچڻو پئي ٿو۔ پروپيگنڊا جو اهڙو ته گندو رواج پيو آهي جو سچ ڪوڙ لڳندو آهي ۽ ڪوڙ وري سچ جو آئينو نظر ايندو آهي۔ ڪجهه قوتون ملڪ خلاف هڪ منظم انداز سان پروپئگنڊا ڪري ملڪي حالتن کي مشڪوڪ ڪري رهيون آهن۔ ملڪ ۾ انارڪي جو ماحول جڙي ويو آهي۔ جيڪڏهن ڪو ڪنهن جي خيالن سان سهمت نه ٿو ٿئي ته ان کي غلام ۽ غدار جو طعنو ڏنو وڃي ٿو۔ مون سان گڏ آهيو ته مرد مومن جيڪڏهن مون کان پري آهيو ته ايمان تي شڪ آهي۔
بلوچستان ۽ خيبر پختون خواه جون حالتن سان گڏ افغان ۽ انڊيا بارڊر تي ايندڙ ڪجهه ڏينهن هفتن يا مهينن ۾ ڇا ٿيندو ان جو ڪنهن کي اندازو ناهي۔ هن وقت قوم کي گڏ ٿيڻ ۽ دشمن سان مقابلي ڪرڻ ايڪي ۽ ٻڌي جي رسي کي مضبوطي سان پڪڙڻ جي ضرورت آهي ان وقت اندروني انتشار پکيڙڻ جي سازش کي چٿڻ جي ضرورت آهي۔ ملڪ لاءِ جيڪو به سيڪيورٽي رشڪ هجي ان جو انجام برو ڪيو وڃي جئين ٻين کي به سبق ملي پر افسوس جو اسان وٽ ماضي ۾ احتساب ۽ انصاف لاءِ پسند ۽ ناپسند کي سامهون رکي فيصلا ڪيا ويا آهن جيڪڏهن هاڻي به ايئن ٿيو ته وري ڪجهه سالن کان پوءِ اهي ئي ساڳيون ڪهاڻيون ورجايون وينديون۔ اڄ جا محب وطن غدار ۽ ذهني مريض ڪوٺيا ويندا ۽ اڄ جا غدار ۽ ذهني مريض وري سچا، محب وطن سڏبا۔