ڪراچي ۾ ڪسٽمز جي ڪارروائي، ڪروڙين رپيا ماليت جون سمگل ٿيل موبائل فونز برآمد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪسٽمز ڌار ڌار ڪارروائين ۾ مجموعي طور تي 17 ڪروڙ رپيا ماليت جون سمگل ٿيل شيون ضبط ڪري ورتيون.
ايف بي آر طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب ڪسٽمز انفورسمينٽ ڪراچي ٽول پلازا ڀرسان ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي 564 اعليٰ معيار جون سمگل ٿيل موبائل فونون ۽ هڪ ٽيمپرڊ لينڊ ڪروزر ضبط ڪري ورتي، جن جي مجموعي ماليت 9 ڪروڙ 60 لک رپيا آهي.
ايف بي آر موجب ٻي ڪارروائي ڊيرا اسماعيل خان ۾ ڪئي وئي، جنهن ۾ 3 ٽرڪن مان 12 هزار 200 ڪلو گرام سوپاريون، 4 هزار 21 سليوز پرڏيهي سگريٽ ۽ 170 ٽائر برآمد ڪيا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.