راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي علائقي قلات ۾ آپريشن ڪندي ڀارتي حمايت يافتا 12 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو.
آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز 6 ڊسمبر تي ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي قلات ۾ آپريشن ڪندي دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي اثرائتي طريقي سان نشانو بڻايو.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ڀارتي حمايت يافتا 12 دهشتگرد مارجي ويا، جن جي قبضي مان هٿيار، گولا ۽ بارودي مواد برآمد ڪيو ويو.
فوجي ترجمان موجب مارجي ويل دهشتگرد ڪيترين ئي ڪارروائين ۾ ملوث هئا، ڪنهن به امڪاني دهشتگرد جي خاتمي لاءِ علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي.
You might also like