”خان نه ته ڪجهه نه“ واري سوچ تي لعنت ٿا وجهون: عطاءُ الله تارڙ

لاهور (ويب ڊيسڪ) اطلاعات بابت وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته عمران خان هڪ ذهني مريض آهي، جنهن جي پارٽي وارا چوندا آهن ته خان ناهي ته ڪجهه ناهي، اهڙي سوچ تي اسان لعنت ٿا وجهون، ڇو ته پاڪستان نه ته ڪجهه نه.
لاهور ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي عطاءُ الله تارڙ چيو ته جيل ۾ قيد ذهني مريض 190 ملين پائونڊ جي ميگا ڪرپشن ڪئي آهي، هن ملڪ جي معيشت تباهه ڪئي، اسپتال ۽ فلاحي منصوبن جا فنڊ به کائي ويو، معرڪه حق ۾ پاڪ فوج ڀارت کي عبرتناڪ شڪست ڏني، ڀارت اسان جي فوج کان ڊڄندو آهي.
هن چيو ته اهي پنهنجون ناڪاميون لڪائڻ لاءِ فوج کي برو ٿا چون، جنهن پاڻ کان وڏي دشمن کي شڪست ڏني، ان فوج تي تنقيد ڪندي کين شرم اچڻ گهرجي.
سندس چوڻ هو ته 9 مئي جون وڊيوز ڏسو، هنن جيڪو ڪم ڪيو اهو دشمن به نه ڪري سگهيو، پي ٽي آءِ جا سوشل ميڊيا اڪائونٽ رياستي ادارن خلاف گمراهه ڪندڙ پروپيگنڊا ۾ ملوث آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.