ثقافتي ڏهاڙو: شهرن، ڳوٺن، وسندين، واهڻن ۾ سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جا رنگ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ سنڌي اڄ پنهنجي ثقافت سان محبت جو ڏينهن ملهائي رهيا آهن.
ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جي بهار آهي، شهرن، ڳوٺن، وسندين ۽ واهڻن ۾ سٻاجهڙا سنڌي موهن جي دڙي جي ديس جي ثقافت سان ڀرپور محبت جو اظهار ڪري رهيا آهن.
ڪلچر ڊي جي موقعي تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ريليون ڪڍي ثقافت سان محبت جو اظهار ڪيو پيو وڃي، اسڪولن ۾ پڻ ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان تقريبن جو اهتمام ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ شاگرد ۽ شاگردياڻيون تقريرون، ٽيبلوز پيش ڪري هزارين سان پراڻي ثقافت کي اجاڳر ڪري رهيا آهن.
ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان مچ ڪچهرين، راڳ رنگ جي محفلن جون پڻ تياريون ڪيون پيون وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.