ڪراچي: ايف ٽي سي وٽ ثقافتي ريلين جي رستا روڪ، لٺبازي، ڪيترائي نوجوان گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ شاهراهه فيصل ايف ٽي سي وٽ پوليس ٽينڪر بيهاري ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان نڪتل ريلين جي رستا روڪ ڪئي ۽ لٺبازي ڪندي ڪيترن ئي نوجوانن کي گرفتار ڪري ورتو.
سنڌ جي ثقافتي ڏهاڙي جي موقعي تي مختلف علائقن مان نڪرندڙ قافلا ايف ٽي سي پهتا ته پوليس ٽينڪر بيهاري انهن کي روڪي ڇڏيو، جنهن کانپوءِ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي.
پوليس ريلين ۾ شريڪ نوجوانن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ شيلنگ ۽ لٺبازي ڪئي، ان دوران ڪيترن ئي نوجوانن کي حراست ۾ پڻ ورتو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.