نارووال (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته ڊي جي آءِ ايس پي آر قوم جي جذبن جي ترجماني ڪئي، فوجي پاڪستان جا محافظ آهن ۽ انهن دهشتگردي خلاف تاريخي ڪاميابيون ماڻيون آهن، قوم انهن کي قدر جي نگاهه سان ڏسندي آهي.
نارووال ۾ صحافين سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته سياسي مفاد لاءِ رياست ۽ فوج تي تنقيد ڪرڻ ملڪ دشمني آهي، پي ٽي آءِ کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته اها رياست سان گڏ بيٺي آهي يا پنهنجي تڪراري قيادت سان.
هن چيو ته پي ٽي آءِ اڄ جنهن حال ۾ آهي، اهو ان جي سياست جو ئي نتيجو آهي ۽ ايندڙ چونڊن ۾ عوام اهڙي رويي کي رد ڪري ڇڏيندو.
سندس چوڻ هو ته ڏڦيڙ جي سياست ملڪ کي نقصان پهچايو آهي، ڪاميابي لاءِ اتحاد ضروري آهي، ن ليگ ايندڙ نسلن لاءِ خوشحال پاڪستان چاهي ٿي.
You might also like