ايشز: آسٽريليا ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ به انگلينڊ کي شڪست ڏئي ڇڏي

گابا (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا ايشز سيريز جي ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ به انگلينڊ کي شڪست ڏئي ڇڏي.
گابا ۾ کيڏيل ميچ جي چوٿين ڏينهن انگلينڊ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 134 رنسن کان رهيل اننگز شروع ڪئي ۽ سڄي ٽيم 241 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
آسٽريليا طرفان مائيڪل نيسر 5، مچل اسٽارڪ ۽ اسڪاٽ بولينڊ 2-2، جڏهن ته برينڊن ڊوگٽ هڪ وڪيٽ ورتي.
آسٽريليا کي ڪاميابي لاءِ 65 رنسن جو هدف مليو، جيڪو ميزبان ٽيم ٻن وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ورتو.
ٽريوس هيڊ 22 ۽ مارنس لبوشين 3 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، جڏهن ته ڪپتان اسٽيو سمٿ 23 ۽ جيڪ ويدرالڊ 17 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا.
واضح رهي ته انگلينڊ جي ٽيم پهرين اننگز ۾ 334 رنسون ٺاهيون هيون، جڏهن ته آسٽريليا پهرين اننگز ۾ 511 رنسون ٺاهي انگلينڊ خلاف 177 رنسن جي سرسي حاصل ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.