لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتان سلمان علي آغا چيو آهي ته منهنجي خيال ۾ ورلڊ ڪپ کان اڳ ٽيم ۾ ڪا وڏي تبديلي نه ٿيندي ۽ اهو ئي ڪامبينيشن هوندو.
سلمان علي آغا موجب سڀ رانديگر ڪردار ادا ڪري رهيا آهن ۽ انهن سان ئي اڳتي وڌنداسين، ورلڊ ڪپ کان اڳ اسان جون 6 ميچون آهن، انهن ۾ تسلسل سان کيڏڻو پوندو، اها 6 ميچن ۾ ڪا وڏي تبديلي نٿا ڪري سگهون، گذريل 6 مهينن ۾ انهن ئي رانديگرن سان گڏ کيڏيو آهي ۽ نتيجا سٺا اچي رهيا آهن، منهنجي خواهش آهي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۽ پوءِ ون ڊي ورلڊ ڪپ به کٽيون.
هن چيو ته ورلڊ ڪپ کان اڳ سريلنڪا خلاف سيريز اسان لاءِ فائديمند هوندي، ان کي سنجيده وٺنداسين، سمجهان ٿو ته پاڪستان ٽيم درست ٽريڪ تي اچي وئي آهي پر بهتري جي گنجائش اڃا به آهي.
سندس چوڻ هو ته ڪپتان تي دٻاءُ هوندو آهي ۽ مون تي به هو، جنهن سبب مسئلو ٿيو، هاڻ ڪپتاني ۽ بيٽنگ ٻنهي کي گڏ کڻي هلڻ سکي ورتو آهي.
You might also like