هاسٽل تي وحشياڻو حملو، استادن ۽ شاگردن سميت 12 ڄڻا مارجي ويا، ڪيترائي زخمي

پريٽوريا (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريقي تخت گاهه پريٽوريا ڀرسان ساولز ويل ٽائون شپ ۾ اڻڄاتل ماڻهن هڪ هاسٽل تي حملو ڪري ڏنو.
پرڏيهي ميڊيا موجب هٿياربندن هاسٽل ۾ داخل ٿيندي ئي انڌاڌند فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ 12 ڄڻا مارجي ويا ۽ 14 زخمي ٿي پيا.
مارجي ويلن ۾ استادن، شاگردن ۽ عملي سميت هاسٽل جي ٻاهران موجود ماڻهن به شامل آهن، هڪ 3 ورهين جو ٻار، 12 ورهين جو نينگر ۽ 16 ورهين جي نينگري به مارجي وئي.
پوليس جو چوڻ آهي ته حملي آورن جي ڳولا جاري آهي ۽ اڃا تائين ڪا گرفتاري عمل ۾ ناهي آئي.
شروعاتي جاچ ۾ شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي ته واقعو هاسٽل جي اندر موجود غير قانوني بار مان ٿي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.