ڪراچيءَ جي موسم تبديل، ماهرن شهرين کي الرٽ ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ڪراچي ۾ ٿڌ ۾ واڌ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته شهر ۾ 8 ڊسمبر کان ٿڌيون هوائون گهلڻ جي نتيجي ۾ سيءُ وڌي سگهي ٿو.
موسميات کاتي موجب اترئين علائقن ۽ بلوچستان تي اثرانداز ٿيندڙ اولهه سلسلي سبب اڱاري کان شهر جي پاري ۾ ٻه ڊگري تائين گهٽتائي جو امڪان آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ ڊسمبر جي وچ تائين ٿڏ جي انتهائي لهر جو ڪو امڪان ناهي، ان دوران گهٽ کان گهٽ پارو 14 کان 12 ۽ وڌ کان وڌ 27 کان 29 ڊگري تائين رهي سگهي ٿو، جڏهن ته ڪراچي ۾ برسات جو به ڪو امڪان ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.