لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانيا جي شهر برمنگهم سان واسطو رکندڙ اڳوڻي ڊاڪٽر نيٿنيئل سپينسر تي الزام آهي ته هو 2017 کان 2021 جي وچ ۾ جنسي زيادتي جي ڪيترن ئي واقعن ۾ ملوث رهيو، جن ۾ ڪجهه اهڙا به آهن، جيڪي 13 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن سان هئا.
پرڏيهي ميڊيا موجب ڪرائون پراسيڪيوشن سروس جي ڊپٽي چيف پراسيڪيوٽر بين سيمپلز چيو ته اسان جي پراسيڪيوٽرز جاچ ۾ پوليس سان ڀرپور سهڪار ڪيو، شاهدين جو غور سان جائزو وٺي رهيا آهيون ته جيئن يقيني بڻائي سگهجي ته ڪيس هلائڻ لاءِ ڪافي ثبوت موجود آهن ۽ عوامي مفاد ۾ فوجداري ڪارروائي کي اڳتي وڌائڻ ضروري آهي.
اهي الزام رائل سٽوڪ يونيورسٽي اسپتال ۽ رسلز هال اسپتال ۾ مبينا جنسي ڏوهن جي جاچ کانپوءِ سامهون آيا آهن.
سپينسر 20 جنوري تي نارٿ سٽافورڊ شائر جسٽس سينٽر ۾ پيش ٿيو، مٿس 45 الزام لاڳو ڪيا ويندا، جن ۾ 15 ڀيرا جنسي زيادتي، 17 ڀيرا جنسي حملو، 9 ڀيرا 13 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن سان جنسي زيادتي، 3 ڀيرا 13 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن تي جنسي حملو ۽ ٻيا الزام شامل آهن.
ڪنهن کي به جيڪڏهن ڪي خدشا هجن ته سٽافورڊ شائر پوليس سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
Prev Post
You might also like