گوجرانوالا (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته نواز شريف جو سڀ کان وڏو ڪارنامو ملڪ کي ايٽمي قوت بڻائڻ آهي ۽ پاڪستان جيڪڏهن ايٽمي طاقت نه هجي ها ته هن سال جنگ ۾ حالتون مختلف هجن ها.
گوجرانوالا ۾ ماس ٽرانزٽ منصوبي جي تقريب کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته سڄي ملڪ ۾ ن ليگ جو نعرو بلند ٿيندو، نواز شريف جي قيادت ۾ پنجاب ۾ پهريون ڀيرو تعميراتي سياست جي شروعات ٿي، نواز شريف جيڪي ڪم ڪيا، اهي تاريخ ۾ ياد رکيا ويندا.
هن چيو ته اڄ توهان جي شهر کي جيڪو منصوبو مريم نواز ڏنو آهي، اهو سڄي ضلعي جي تقدير تبديل ڪندو، ان منصوبي سان شهرين کي وڏيون سهولتون ملنديون.
Prev Post
You might also like