واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ) فيفا ورلڊ ڪپ ڊراز جو اعلان ڪري ڇڏيو، ٽورنامينٽ ۾ حصو وٺندڙ 48 ٽيمن کي 12 گروپن ۾ ورهايو ويو آهي، ميگا ايونٽ ايندڙ سال آمريڪا، ڪئناڊا ۽ ميڪسيڪو ۾ کيڏيو ويندو.
فيفا ورلڊ ڪپ ڊراز جي تقريب آمريڪا ۾ ٿي، جنهن ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ به شرڪت ڪئي.
گروپ ”اي“ ميزبان ميڪسيڪو، ڏکڻ آفريڪا، ڏکڻ ڪوريا، ۽ پلي ڊي مان ڪواليفائر ڪندڙ ٽيم شامل ڪئي ويندي.
گروپ ” بي “ ميزبان ڪئناڊا، قطر، سوئيزر لينڊ، ۽ يوايفا پلي آف اي جي ٽيم شامل آهي، گروپ ” بي “ جي چوٿين ٽيم ويلز يا اتر آئرلينڊ مان هڪ هوندي.
گروپ ” سي ) ۾ برازيل، مراڪش، اسڪاٽ لينڊ ۽ هيٽي شامل آهن، جڏهن ته گروپ ” ڊي “ ميزبان آمريڪا، آسٽريليا، پيراگوءِ ۽ يو ايفا پلي آف سي جي ڪواليفائر ٽيم شامل هوندي.
گروپ ” اِي “ ۾ جرمني، ايڪواڊور، آئيوري ڪوسٽ ۽ ڪورا ڪاو شامل آهن، جڏهن ته گروپ ” ايف “ ۾ نيڌرلينڊز، جپان، تيونس ۽ يويفا ڪواليفائر بي مان ٽيم شامل ڪئي ويندي.
گروپ ” جِي“ ۾ بيلجيم، ايران، مصر ۽ نيوزيلينڊ شامل آهن، گروپ ” ايڇ“ ۾ اسپين، سعودي عرب، يوروگوءِ ۽ ڪيپ وردي جون ٽيمن کي رکيو ويو آهي.
گروپ ” آءِ “ ۾ فرانس، سنيگال، ناروي ۽ فيفا پلي آف ٽو جي ڪواليفائر ٽيم شامل هوندي، جڏهن ته گروپ ” جَي“ دفاعي چيمپيئن ارجنٽينا، آسٽريا، الجيريا ۽ اردن شامل آهن.
گروپ ” ڪي“ ۾ پرتگال، ازبڪستان، ڪولمبيا ۽ فيفا ڪواليفائر ون مان ٽيم شامل هوندي، جڏهن ته گروپ ” ايل“ ۾ انگلينڊ، ڪروشيا، پاناما ۽ گهانا کي شامل ڪيو ويو آهي.
You might also like