شادين ۾ هڪ کان وڌيڪ طعامن ۽ وڏي آواز ۾ گانا هلائڻ تي ڪارروائي جو حڪم

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب ۾ ون ڊش جي ڀڃڪڙين ۽ لائوڊ اسپيڪر جي غير ضروري استعمال خلاف سخت قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
وزيراعليٰ مريم نواز جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ هن شادين ۽ تقريبن ۾ وڏي آواز ۾ ميوزڪ تي سخت ڪارروائي جي هدايت ڪئي، جڏهن ته فارم هائوس ۽ گرائونڊن ۾ به لائوڊ اسپيڪر جي غير قانوني استعمال تي پابندي لاءِ قدم کڻڻ جون هدايتون جاري ڪيون.
اجلاس ۾ فارم هائوس ۽ گرائونڊن ۾ به ون ڊش جي پابندي يقيني بڻائڻ جو اصولي فيصلو ڪيو ويو، جڏهن ته شادي هال لاءِ مقرر وقت جي پابندي جي مانيٽرنگ جي به هدايت ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.