نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي ماهرن والاريل ڪشمير انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين تي خدشن جو اظهار ڪندي ڀارت کي وارننگ جاري ڪري ڇڏي .
گڏيل قومن جي ماهرن چيو آهي ته پهلگام حملي کانپوءِ ڀارتي اختيارين جي ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي سخت خدشا آهن.
ماهرن موجب، ڀارت ڪارروائين ۾ صحافين ۽ انساني حقن جي نمائندن سميت اٽڪل 2800 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو، ڀارت طرفان گرفتاريون، شڪي فوتگين، تشدد ۽ مسلم ڪميونٽي جي خلاف امتيازي سلوڪ قابل مذمت آهي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته ڀارت ۾ مسلمان خلاف نفرت ۽ هراساني ۽ 1900 شهرين جي غيرقانوني ملڪ بدري عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي، انساني حقن جا ڪيئي علمبردار سالن کان سيڪيورٽي قانون تحت بنا جواز نظربند آهن.
گڏيل قومن وارننگ جاري ڪندي چيو آهي ته ڀارت کي بين القوامي انساني حقن جي قانونن جي پابندي ڪرڻي پوندي.
گڏيل يومن جي ماهرن طرفان رابطن جي بندش ۽ اظهار جي آزادي تي پابندين تي به ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي.
Prev Post
You might also like