شيما ڪرماڻي جي رستا روڪ جمهوريت جو قتل آهي:سنڌياڻي تحريڪ

حيدرآباد (پ ر) سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون، مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري بختاور ملاح، مرڪزي اڳواڻ مريم انڙ ۽ مروبت هاليپوٽو پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته عورت اڳواڻ ۽ آرٽسٽ شيما ڪرماني کي ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪرڻ کان  روڪڻ، پيپلز پارٽي سرڪار طرفان جمهوريت جو قتل آهي، سنڌ سرڪار طئي ڪري ڇڏيو آهي ته هاڻي سنڌ ۾ پيپلز پارٽي کانسواءِ ڪو به اجتماع يا پريس ڪانفرنس نٿو ڪري سگهي، 16 مارچ واري سنڌياڻي تحريڪ جي پر امن مارچ تي به پيپلز پارٽي سرڪار ايف آئي آر درج ڪئي هئي جڏهن ته ان کانپوءِ ۽ اڳ ۾ به قلم 144 باوجود پيپلز پارٽي ڪيترائي جلسا ڪيا، پر آرٽيڪل 144 پيپلز پارٽي جي جلسن تي لاڳو نه ٿو ٿئي، من پسند ترميمون آڻي پيپلز پارٽي سنڌ ۾ قانون کي مخالفت جو آواز دٻائڻ جي مشين بڻائي ڇڏيو آهي، سنڌ پوليس پيپلز پارٽي جي هٿياربند ونگ طور ڪم ڪري رهي آهي. قلم 144 سميت سمورا قانون پيپلز پارٽي مخالفن لاءِ آهن، باقي پيپلز پارٽي سمورن قانونن کان مٿانهين آهي، اهڙي ڏاڍ ۽ جبر تي عدليا جي خاموشي به سواليا نشان آهي، پرامن احتجاج ۽ پريس ڪانفرنسز تي پابندي آئين جي معطلي جي برابر آهي، پرامن احتجاجن، عوامي اجتماع ۽ پريس ڪانفرنسز جي رستا روڪ جو سلسلو ختم ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.