انساني حقن جي ڀڃڪڙين ۾ ملوث پاڪستاني عملدارن تي بندش لڳايو:آمريڪي پارليامينٽرين

واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي ايوانِ نمائندگان جي 44 ڊيموڪريٽڪ ميمبر ن پاڪستان ۾ جبر جي وڌندڙ مهم ۽ انساني حقن جي صورتحال کي بگڙيل ڏيکاريندي پاڪستان جي اهم عملدارن تي جلد پابنديون لڳائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. هي خط ڊيموڪريٽڪ عورت ميمبرِ ڪانگريس پرميلا جيبال۽ ڪانگريس مين گريگ ڪيزار جي قيادت ۾ لکيو ويو آهي، جنهن تي الهان عمر، رشيدا طيب سميت ڪيترن ئي ميمبرن جون صحيحون  شامل آهن، جيڪي فلسطيني ۽ ٻين مسلم معاملن تي پنهنجي سرگرمين سبب مشهور آهن. خط ۾ انهن پاڪستاني عملدارن تي بندش لڳائڻ ۽ اثاثا منجمد ڪرڻ جو مطالبو پيا ڪن، جيڪي آمريڪي شهري، رهواسي يا انهن جي پاڪستان ۾ موجود ڪٽنبن کي اسٽيبلشمنٽ تي تنقيد ڪرڻ سبب ڌمڪيون ڏيڻ يا هراسان ڪرڻ ۾ ملوث آهن. پي ٽي آءِ جي حمايتي حقوقِ انساني گروپ "فرسٽ پاڪستان گلوبل”هي خط ميڊيا ۾ جاري ڪندي چيو ته واشنگٽن کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته اهي انهن ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪن جيڪي رياستي طاقت کي سياسي مخالفن کي قيد ڪرڻ، ٻاهرين ملڪ رهندڙن کي ڊيڄارڻ ۽ جمهوري آزاديون دٻائڻ لاءِ استعمال ڪن ٿا. ميمبرن خبردار ڪيو آهي ته پاڪستان هڪ سنگين آمريتي بحران مان گذري رهيو آهي، مخالف سياسي اڳواڻن کي بنا الزام جي حراست ۾ رکيو پيو وڃي، صحافين کي ڌمڪيون ڏنيون وڃن . خط ۾ چيو ويو آهي ته عورتون، مذهبي اقليتون ۽ خاص طور بلوچستان جي نسلي برادريون غيرمتناسب طور تي رياستي جبر جو نشانو بڻجن ٿيون. ميمبرن ورجينيا جي صحافي احمد نوراني جي ڪيس جو حوالو ڏنو، جن جي ڀاءُ کي مبينا طور تي فوجي بدعنواني بابت رپورٽنگ کان پوءِ هڪ مهيني کان وڌيڪ وقت لاءِ اغوا ۽ حراست ۾ رکيو ويو. خط ۾ 2024 جون چونڊون به ڌيان ۾ آنديون ويون ۽ بدعنوانين بابت رپورٽون کي تشويشناڪ قرار ڏنو ويو۔ آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ اڳ به اهڙين بي ضابطگين تي خدشا ظاهر ڪري چڪو آهي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.