اهو غلط آهي ته جتي پ پ جي اڪثريت آهي اتي بسون هلن ٿيون:شرجيل ميمڻ

ڪراچي ( رپوٽر) سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ اسان جو مقصد اھو ناھي ھوندو تھ اُنھن تڪن تي ڌيان ڏيون جتان پاڪستان پيپلز پارٽي  کٽي آئي آھي ۽ اُنھن تي ڌيان نھ ڏيون جتي پيپلز پارٽي ناھي کٽي. سنڌ سرڪار جي ھٿ ھيٺ ھلندڙ بسون عوام جون آھن، عوام کي ملنديون ۽ اسان جي ڪوشش آھي تھ ھر مين روڊ تي بس سروس شروع ڪئي وڃي. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ اسان ھڪ وڏي منصوبي تي ڪم ڪري رھيا آھيون، ھر وڏي روڊ تي بس ھلندي، ٽنڊو ڄام-حيدرآباد بس سروس شروع ڪئي وئي آھي، اھڙي ريت حيدرآباد ۾ ھٽڙي کان حيد چوڪ تائين، لطيف، گاڏي کاتي سميت سمورن علائقن ۾ بسون ھلايون وينديون ۽ اسان جي ڪوشش آھي تھ ھر علائقي کي سھولت فراھم ڪريون.  ھن چيو تھ قيمتي انساني جانين جي نقصان تي افسوس ھر ڪنھن کي ٿيندو آھي، عام طور تي اھو سمجھيو ويندو آھي تھ ٽرالر ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ غلطي ٽرالر واري جي ھوندي، بائيڪ واري کي ٽڪر لڳڻ جي صورت ۾ وڏي گاڏي کي باھھ ڏئي ساڙڻ واري ذھنيت مان اسان کي نڪرڻو پوندو.شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ اي چالان جي مخالفت ٿي پر اسان کي ٽريفڪ جي نظام کي بھتر ڪرڻو پوندو،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.