اين ايف سي ايوارڊ تي ڪا سوديبازي نه ٿيندي:ناصر شاهه

سکر (رپورٽر) صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته اين ايف سي ايوارڊ انتهائي اهم آهي ۽ ان تي ڪا به سوديبازي نه ٿيندي، ڪارونجهر  منصوبو سنڌ حڪومت طرفان ختم ڪيو ويو آهي ۽ اتي ڪنهن جي به ليز ناهي، سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پي ٽي آءِ وارا هن وقت جيڪو وقت گذارين پيا ان جو سبب سندن منفي پروپئگنڊا آهي، فيلڊ مارشل جي نوٽيفڪيشن تي به اهڙو ئي پروپيگنڊا ڪيو ويو هو،ايم ڪيو ايم جي ڳالهين کي سنجيده نٿا وٺون، سنڌ جي ورهاڱي جون ڳالهيون ايم ڪيو ايم پنهنجي پاڻ کي جيئرو رکڻ لاءِ ڪري رهي آهي، اهي صرف شوشا ڇڏين ٿا، هن چيو ته سڀ کان وڌيڪ بااختيار مڪاني نظام هن وقت سنڌ ۾ آهي، ايم ڪيو ايم سنڌ جي مڪاني نظام ۾ شامل ئي نه ٿي هئي، ناصر حسين شاهه چيو ته ڪراچي ۾ ننڍڙي ٻار جي کليل گٽر ۾ ڪري فوت ٿيڻ انتهائي افسوسناڪ واقعو آهي، وزيراعليٰ سڀني کي کوتاھي ڪرڻ تي معطل ڪري ڇڏيو آهي، ڪو به پنهنجي ذميواري کان پوئتي نٿو هٽي سگهي، سپر اسٽور وارا پارڪنگ جا پئسا وٺي وڃن ٿا، پر اهي ننڍڙو کڏو به ڀري نه سگهيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.