گهوٽڪي، ڪنڌڪوٽ پل ٻن سالن ۾ مڪمل ڪرڻ جو اعلان، سستي برداشت نه ڪبي:مراد شاهه

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اعلان ڪيو آهي ته سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان کي ڳنڍيندڙ گھوٽڪي، ڪنڌڪوٽ روڊ ۽ پل منصوبي جو رڪيل ڪم ٻيهر شروع ٿي چڪو آهي ان جو افتتاح جون 2027ع ۾ ڪيو ويندو، هن اهو فيصلو پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ پاليسي بورڊ جي 49هين اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو جنهن ۾ منصوبي جي نظرثاني ٿيل ٽائيم لائينن، تعميراتي اڳڀرائي، قيمت ۾ واڌ ۽ سيڪيورٽي چئلينجز جو جائزو ورتو ويو، اجللاس ۾ صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو، آبپاشي وارو وير ڄام خان شورو، وزير ورڪس اينڊ سروسز علي حسن زرداري، سيڙپڪاري بابت وڏي وزير    جو خاص مددگار سيد قاسم نويد قمر، چيـف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا وآصف، پي اينڊ ڊي جا چيئرمين نجم شاهه، ايم پي اي غلام قادر چانڊيو، ڊاڪٽر سروش لوڌي ۽ بورڊ جا ٻيا ميمبر موجود هئا، وڏي وزير کي منصوبي جي تعميري تاريخ، لاڳت ۽ ٽيڪنيڪل ڪميٽي جي سفارشُن بابت بريفنگ ڏني وئي، گهوٽڪي، ڪنڌڪوٽ پل منصوبو ورڪس اينڊ سروسز کاتي شروع ڪيو هو ۽ ان جو ڪنسـيشن ايگريمينٽ مئي 2018ع ۾ صحيحون ٿيون، شروعاتي هائيڊرولڪ ڊيزائن انڊس ريور ڪميشن آءِ آر سي ٽن ڪلوميٽر ڊگهي پل لاءِ منظور ڪيو هو ۽ تعميراتي ڪم آگسٽ 2020ع ۾ شروع ٿيو، 2022ع جي مھا ٻوڏ کان پوءِ آءِ آر سي مشاهدو ڪيو ته جيڪي پل ڪناري کان ڪناري تائين ڪنارن تائين تعمير ٿيا هئا اهي وڌيڪ مضبوط ثابت ٿيا ۽ ٻوڏ جو پاڻي آسانيءَ سان لنگهندو رهيو جڏهن ته جيڪي پل ڪنارن تي نه هئا انهن تحفظ بندن تي دٻاءُ وڌايو ۽ پاڻي لنگهڻ ۾ دير ٿي، تنهن ڪري آءِ آر سي هدايت جاري ڪئي ته سنڌو درياهه تي مستقبل جا سمورا پل ڪنارن تائين تعمير ڪيا وڃن، نتيجي طور گھوٽڪي، ڪنڌڪوٽ پل جي ڊيگهه ٽن ڪلوميٽرن کان وڌائي 12.2 ڪلوميٽر ڪئي وئي جنهن لاءِ دائريڪار، ٽائيم لائين ۽ لاڳت ۾ وڏي تبديلي آندي وئي ۽ نظرثاني ٿيل معاهدا 2023ع ۾ صحيحون ٿيون، منصوبي جي لاڳت 32 ارب رپيا مقرر ڪئي وئي آهي ۽ ڄاڻايل مڪمل ٿيڻ جي تاريخ جون 2027ع آهي، تنهن هوندي به سنڌ حڪومت منصوبي جي جلد مڪمل ٿيڻ لاءِ ڪچي واري علائقي ۾ امن امان کي يقيني بڻائيندي ان کي جون 2027ع ۾ مڪمل ڪرڻ چاهي ٿي، سڪيورٽي چئلينجن باوجود تعميراتي ڪم لڳاتار جاري آهي، وڏي وزير مراد علي شاهه پل جي اسٽريٽجڪ اهميت تي زور ڏيندي ان کي هڪ حياتي رڳ، جيڪا اتر سنڌ لاءِ نوان معاشي رستا کوليندي قرار ڏنو، هن چيو ته اسان گھوٽڪي–ڪنڌڪوٽ پل جو افتتاح جون 2027ع ۾ ڪنداسين، هي رڳو انفراسٽرڪچر جو منصوبو ناهي، هي سنڌ جي ماڻهن سان ڪيل واعدو آهي ۽ اسان اهو پورو ڪنداسين، صحت جي شعبي ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت شروع ٿيل منصوبن جو پڻ تفصيلي جائزو ورتو ويو جن جو مقصد بهتر سروس ڊليوري، جديد طبي ٽيڪنالاجي جي لاڳو ٿيڻ ۽ اهم علاج جي خدمتن جو تسلسل برقرار رکڻ آهي، وڏي وزير نشاندهي ڪئي ته تازو نوٽيفاءِ ٿيل نيشنل بليڊ ٽرانسفيوزن اينڊ بليڊ پراڊڪٽس پاليسي 2025–30 بين الاقوامي سيڙپڪارن لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪيو آهي ۽ ڪيتريون عالمي ڪمپنيون ڪراچي ۾ اهڙي فسيلٽي قائم ڪرڻ ۾ دلچسپي ڏيکاري چڪيون آهن، تفصيلي بحث بعد PPP پاليسي بورڊ منصوبو جو پروجيڪٽ ڪانسپٽ ۽ پروجيڪٽ ڊولپمينٽ فسيلٽي (PDF) فنڊنگ جي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن تحت ٽرانزيڪشن ايڊوائيزر مقرر ڪيا ويندا جيڪي فزيبلٽي اسٽڊي ۽ ٽرانزيڪشن ايڊوائزري خدمتون فراهم ڪندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.