دل والي دلهنيا لي جائين گي جي 30 هين سالگرهه، لنڊن ۾ ” راج ۽ سمرن“ جو مجسمو لڳايو ويو

لنڊن (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جا سپر اسٽار شاهه رخ خان ۽ ڪاجول پنهنجي مشهور رومانوي فلم ”دل والي دلهنيا لي جائين گي“جي 30هين سالگرهه تي لنڊن جي ليڪسٽر اسڪوائر ۾ راج ۽ سمرن جي لائيف سائز مجسمي جو افتتاح ڪيو.
ان موقعي تي ڪاجول کي نيري رنگ جي خوبصورت ساڙي پهريل هئي ، جڏهن ته شارهه رخ خان ڪلاسيڪ بليڪ سوٽ ۾ شرڪت ڪئي.
تقريب جون تصويرون ۽ وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون، جتي ٻئي اداڪار پنهنجي مجسمن جي آڏو فلم جي مشهور انداز بيٺل نظر آيا.
شاهه رخ خان چيو ته ”دل والي دلهنيا لي جائين گي“ کي رليز ٿئي 30 سال ٿي چڪا آهن، پر ائين محسوس ٿئي ٿو ڄڻ فلم ڪلهه ئي رليز ٿي هئي.
هن چيو ته يقين نه ٿو اچي ته ماڻهو اڃا تائين ان فلم سان ايڏي محبت ڪن ٿا، ان سان گڏ هن فلم جو مشهور ڊائيلاگ” بڙي بڙي ديشون ۾ ايسي ڇوٽي ڇوٽي باتين هوتي رهتي هين سينيورٽا.“
شاهه رخ خان وڌيڪ چيو ته برطانيا جي سمورن ماڻهن جو دل جي گهرائين سان ٿورائتو آهيان جن اِهو سڀ ممڪن بڻايو.
ياد رهي ته فلم ” دل والي دلهنيا لي جائين گي“ 1995 ۾ رليز ٿي هئي ۽ ان وقت 102.5 ڪروڙ رپيا ڪمائي سال جي سڀ کان وڌيڪ ڪاروبار ڪندڙ ڀارتي فلم جو اعزاز ماڻيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.