معين خان جي موت جي ڪوڙي خبر، ايم ڪيو ايم اڳواڻ اسيمبلي ۾ مغفرت جي دعا جي اپيل ڪري ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سوشل ميڊيا تي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان معين خان جي لاڏاڻي جي ڪوڙين خبرن تي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ايم پي اي صابر قائمخاني مغفرت جي دعا جي درخواست ڪئي.
سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران صابر قائمخاني معين خان جي لاڏاڻي بابت ڪوڙين خبرن تي دعا جي درخواست ڪئي، جنهن تي ايوان ۾ موجود ميمبرن ترت کيس روڪيو ۽ آگاهه ڪيو ته ڪرڪيٽر معين خان جي وفات جون خبرون غلط آهن.
اسپيڪر پڻ صابر قائمخاني کي خبر جي صحيح صورتحال بابت ٻڌايو، جنهن تي ايم پي اي اُٿي بيهي معذرت ڪئي.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳوڻي ڪپتان معين خان جي لاڏاڻي جي ڪوڙي خبر سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي هئي، جنهن تي معين خان وڊيو بيان جاري ڪيو هو ۽ چيو هو ته هو جيئرو چاڪ، چڱپو ڀلو آهي.
حقيقت ۾ حيدرآباد سان واسطو رکندڙ 65 ورهين جو سينيئر ڪرڪيٽر معين خان راجپوت لاڏاڻو ڪري ويو هو، پر سوشل ميڊيا تي معين راجپوت بدران قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان معين خان جي تصوير شيئر ڪئي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.