دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي ڀڃڪڙي تي پاڪستاني بيٽر فخر زمان تي ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو.
آءِ سي سي سريلنڪا خلاف تازو ٽه ملڪي سيريز جي فائنل دوران ظابطن جي ڀڃڪڙي تي فخر زمان تي ميچ فيس جو 10 سيڪڙو ڏنڊ لاڳو ڪيو.
آءِ سي سي موجب، فخر زمان آرٽيڪل 2.8 جي ڀڃڪڙي ڪئي، جيڪا عالمي ميچ دوران امپائر جي فيصلي تي سخت ردعمل يا احتجاج بابت آهي.
آءِ سي سي موجب، فخر زمان کي هڪ ڊي ميرٽ پوائنٽ به ڏني وئي آهي.
واضح رهي ته ٽه ملڪي سيريز جي فائنل ۾ پاڪستان جي اننگز جي 19 هين اوور ۾ فخر زمان آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ امپائرن جي فيصلي تي بحث ڪندي نظر آيو هو.
ياد رهي ته پاڪستان فائنل ۾ سريلنڪا کي ڇهن وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽه ملڪي ٽي ٽوئنٽي سيريز پنهنجي نالي ڪئي هئي.
Prev Post
You might also like