ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ کليل گٽر هڪ ڀيرو ٻيهر ٻارن جي زندگين لاءِ خطرو بڻجي ويا، بلديه ٽائون ۾ هڪ ٻي معصوم ٻارڙي کليل گٽر ۾ ڪري پئي، واقعي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي تيزيءَ سان وائرل ٿي وئي، جنهن ۾ صاف نظر اچي ٿو ته گٽر مٿان ڍڪ موجود نه هو جنهن سبب هي واقعو پيش آيو، هي واقعو گذريل ڏينهن بلديه ٽائون سيڪٽر 12 ڊي، يونين ڪائونسل 11 ۾ پيش آيو، پاڙيسرين بروقت ڪارروائي ڪندي ٻارڙي کي گٽر مان باحفاظت ڪڍي ورتو، علائقي واسين جو چوڻ هو ته نيپا چورنگي واري المناڪ واقعي کان پوءِ به بلدياتي ادارا غفلت مان نه جاڳي سگهيا آهن ۽ اڃا تائين کليل گٽرن تي ڍڪ لڳائڻ لاءِ ڪو سنجيده قدم نٿو ڏٺو وڃي، شهرين مطالبو ڪيو آهي ته شهر جي سڀني کليل گٽرن جو فوري طور نوٽيس وٺي ڍڪ لڳايا وڃن ته جيئن اهڙن واقعن کي روڪي سگهجي.