وزيراعظم ۽ آرمي چيف وچ ۾ ملاقات جون خبرون

لاهور (عمران شفقت) چيف آف ڊفينس فورسز جي نوٽيفڪيشن ۾ دير جي حوالي سان پاڪستان ۾ مختلف افواهه گردش ڪري رهيا آهن. ڀارتي ميڊيا نيوز 18 دعويٰ ڪئي ته نواز شريف ٻيهر وزيراعظم بڻجڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ نوٽيفڪيشن کي دٻاءُ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي. رپورٽ ۾ آگسٽ ۾ ٿيل هڪ ملاقات جو به ذڪر ڪيو ويو آهي جنهن ۾ عاصم منير، مريم نواز، شهباز شريف ۽ محسن نقوي موجود هئا. بهرحال، پاڪستاني  حڪومتي نظام جا ماهر ان دعويٰ کي غير حقيقي قرار ڏئي رهيا آهن ته نواز شريف ڪنهن جنرل جي مقرري يا منتقلي جو فيصلو ڪري سگهي ٿو. ان دوران، وزيراعظم هائوس ۾ شهباز شريف ۽ عاصم منير جي وچ ۾ هڪ مبينا ملاقات جي خبر، جيڪا ڪرغزستان جي صدر جي موجودگي ۾ ٿي هئي، سوشل ميڊيا تي به پکڙجي رهي آهي. هن خبر جي اڃا تائين تصديق نه ٿي آهي ۽ گهڻو ڪري ڇرڪائيندڙ ذريعن طرفان ان کي پکيڙيو پيو وڃي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، جمعو 05 ڊسمبر 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.