مشهور يوٽيوبر، ٽڪ ٽاڪر ۽ سوشل ميڊيا انفلوئنسر پياري مريم ويم دوران لاڏاڻو ڪري وئي، جنهن تي سندس مداح ڏکارا آهن.
پياري مريم پنهنجي سادي مواد ۽ لفظن جي چونڊ سبب شهرت رکندي هئي، سندس ولاگز کي تمام گهڻو پسند ڪيو ويندو هو.
پياري مريم يوٽيوب سميت انسٽاگرام ۽ ٽڪ ٽاڪ تي به گهڻي مقبول هئي، هوءَ اميد سان هئي ۽ امڪاني ٻار جي پيدائش بابت به ڪيترائي ولاگز ٺاهي چڪي هئي ۽ مداحن کي پنهنجي صحت بابت آگاهه ڪندي رهندي هئي.
پياري مريم جي آفيشل انسٽاگرام تان به سندس لاڏاڻي جي اسٽوري شيئر ڪئي وئي ۽ مغفرت لاءِ دعا به اپيل به ڪئي وئي.
You might also like