اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ پهريون باقاعده ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ٺاهڻ وارو منصوبو آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آهي.
اربع ڏينهن پي سي بي چيئرمين محسن نقوي جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سي ڊي اي اختيارين ۽ ڪنسلٽنٽس اسٽيڊيم جو ڪانسيپٽ ڊيزائن پيش ڪيو.
اسٽيڊيم سيڪٽر ڊي 12 ويجهو مارگلا جابلو سلسلي جي ڀرسان اڏيو ويندو.
نئين اسٽيڊيم ۾ اٽڪل 32 هزار ماڻهن جي ويهڻ جي گنجائش رکڻ جو منصوبو آهي، جنهن کي مارگلا جي کليل نظارن سان گڏ تعمير ڪيو ويندو.
عام شهرين لاءِ لڳ ڀڳ 10 هزار گاڏين جي پارڪنگ اسٽيڊيم کان هڪ ڪلوميٽر پري ٺاهي ويندي ته جيئن ٽريفڪ جو دٻاءُ گهٽ رهي.
منصوبي کي دبئي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جي طرز تي تيار ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب، پي سي ون جنهن جي پهرين لاڳت 12 ارب رپيا هئي، هاڻي نظرثاني ڊيزائن کانپوءِ اٺ ارب رپين تائين ڪئي وئي آهي.
منصوبي تي ايندڙ هفتي ٻيهر اجلاس ٿيندو، جنهن کانپوءِ ٽينڊرنگ وارو عمل شروع ڪرڻ لاءِ سي ڊي اي کي حتمي منظوري ڏني ويندي.
اڏاوتي ڪم شروع ٿيڻ کانپوءِ منصوبو لڳ ڀڳ ٻن ورهين ۾ مڪمل ٿيندو.
You might also like