اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت عظميٰ خان جي پي ٽي آءِ باني سان ملاقات تي پابندي لاڳو ڪندي واضح ڪيو آهي ته هاڻ جيل ٻاهران ڪنهن کي تماشو ڪرڻ نه ڏينداسين، قانون جي ڀڃڪڙي تي ڪارروائي ڪئي ويندي.
قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ ۽ اطلاعات واري وزير عطاءُ الله تارڙ اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته جن ماڻهن قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، انهن جي هاڻ عمران خان سان ملاقات نه ٿيندي.
اعظم نذير تارڙ چيو ته عمران خان خلاف عدالتن ۾ ڪيس هلي رهيا آهن، هو ڪجهه ڪيسن ۾ سزا يافتا آهي، جيل مينوئل موجب قيدي سان ملاقات جا مختلف رولز آهن، رول 265 موجب قيدي جي هفتي ۾ هڪ ملاقات ڪرائي سگهجي ٿي، ملاقات 6 ماڻهن تائين محدود هوندي ۽ سياسي گفتگو جي اجازت نه هوندي، رولز ۾ واضح لکيل آهي ته ملاقات ۾ جيڪا به ڳالهه ٿيندي، ان کي پبلڪ نٿو ڪري سگهجي.
عظميٰ خان جي عمران خان سان ملاقات تي پابندي، هاڻ جيل ٻاهران تماشو ٿيڻ نه ڏينداسين: حڪومت
You might also like