عروه حنين الريس آڪسفورڊ شاگرد يونين جي پهرين فلسطيني صدر

لنڊن (ويب ڊيسڪ) فلسطين سان واسطو رکندڙ فلسفي، سياست ۽ معيشت جي شاگردياڻي عروه حنين الريس برطانيا جي آڪسفورڊ يونيورسٽي جي شاگرد يونين جو صدر چونڊجي وئي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، عروه حنين الريس اپريل کان جون 2026 تائين يونين جو صدارتي عهدو سنڀاليندي.
عروه حنين الريس جي پيءُ محمد الريس به پنهنجي ڌيءَ جي فتح جي خوشي ملهائيندي سوشل ميڊيا تي کيس پهرين عرب فلسطيني ۽ الجزائري عورت صدر قرار ڏنو.
يونين جي صدارت لاءِ سخت مقابلو هو، عروه حنين کي 757 ووٽ مليا، هن پنهنجي مقابلي ۾بيٺل اميدوار کان 155 وڌيڪ ووٽ حاصل ڪيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.