ڪراچي (ويب ڊيسڪ)ڪراچي ۾ وڌيڪ ڇهن اهم شاهراهن تي ٻه ۽ چار سيٽر رڪشن جي داخلا تي پابندي لاڳو ڪئي وئي ، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.
جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، ڪراچي ۾ ٽريفڪ جي رواني کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪمشنر طرفان سيڪشن 144 تحت پابندي لڳائي وئي آهي.
نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته شهر ۾ رڪشن جي پابندي جو دائرو مجموعي طور 26 مرڪزي شاهراهن تائين وڌايو ويو آهي.
ڊي آءِ جي جي سفارش تي شهر ۾ رڪشن جي اچ وڃ محدود ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
شاهراهه فيصل کان آءِ آءِ چندريگر روڊ تائين رڪشن تي فوري ۽ مڪمل بندش فوري طور لاڳو هوندي.
ان کانسواءِ شاهراهه قائدين، شيرشاهه سوري روڊ، شهيد ملت روڊ، عبدالله هارون روڊ کان ٻه تلوار، شاهراهه فردوسي، اسٽيڊيم روڊ، سر شاهه سليمان روڊ، راشد منهاس، ماڙيپور روڊ، شاهراهه پاڪستان، حب روڊ، قائد آباد کان لانڍي 89، يونيورسٽي روڊ، ڪورنگي (ايف ٽي سي کان قيوم آباد)، ڪورنگي (قيوم آباد کان ڪورنگي ڪراسنگ)، اورنگي روڊ، سپر هاءِ وي کان ملير هالٽ، ۽ سرجاني کان سهراب ڳوٺ تائين رڪشن جي داخلا تي پابندي هوندي.
ڪراچي: شهر جي ڇهن اهم شاهراهن تي 2 ۽ 4 سيٽر رڪشن جي داخلا تي بندش، نوٽيفڪيشن جاري
You might also like