ڪراچي: ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون ۾ گارمنٽس فيڪٽري ۾ باهه، عمارت ڪِري پٽ، ٻه فائر فائٽر زخمي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)ڪراچي جي علائقي لانڍي ۾ ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون ۾ هڪ گارمنٽس فيڪٽري ۾ لڳل باهه شدت اختيار ڪري وئي، جنهن سبب فيڪٽري جي عمارت ڪِري پئي آهي.
ريسڪيو 1122 جي ترجمان موجب، باهه ٽي ماڙ فيڪٽري کي وڪوڙي وئي آهي ۽ شدت سبب عمارت ڪِري پئي آهي، عمارت ڪرڻ سبب ٻه فائر فائٽر زخمي ٿي پيا آهن، فائر بريگيڊ جون ٻارنهن گاڏيون اسنارڪل سميت باهه وسائڻ ۾ رڌل آهن.
ترجمان جو چوڻ آهي ته باهه جي شدت ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي، فائر بريگيڊ ۽ ريسڪيو 1122 واٽر ڪارپوريشن کان فوري مدد طلب ڪئي آهي.
واٽر ڪارپوريشن جي ترجمان موجب، لانڍي هائيڊرنگ تي ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي، شيرپائو هائيڊرنگ تي ٽينڪرز کي اسٽينڊ باءِ تي الرٽ ڪيو ويو آهي ۽ واقعي واري هنڌ فوري طور تي واٽر ٽينڪر روانا ڪيا ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.