ايشز: ڪينگروز سرزمين تي روٽ جي پهرين سينچري، انگلينڊ 9 وڪيٽون وڃائي 325 رنسون ٺاهي ورتيون

برسبين (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ ۽ آسٽريليا خلاف تاريخي ايشز سيريز جي ٻي ڊي نائيٽ ٽيسٽ ميچ جي پهرئين ڏينهن جي پڄاڻي تي مهمان ٽيم نو وڪيٽن تي 325 رنسون ٺاهي ورتيون آهن.
ايشز سيريز جي ٻي ٽيسٽ ميچ جي پهرئين ڏينهن ڪيترائي نوان رڪارڊ ٺهيا.
گابا ۾ جاري ميچ ۾ انگلينڊ ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، پر پهرين ئي اوور ۾ مچل اسٽارڪ 5 رنسن جي مجموعي اسڪور تي بين ڊڪٽ پويلين ڀيڙو ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ٽئين اوور ۾ اولي پوپ به ٻُڙي تي اسٽارڪ جو شڪار بڻيو.
ان کان پوءِ زيڪ ڪرولي ۽ سينيئر بيٽر جوءِ روٽ وچ ۾ 117 رنسن جي اهم ڀائيواري قائم ڪئي، پر ڪرولي 76 رنس ٺاهڻ بعد مائيڪل نيسر جي پهريون شڪار بڻيو .
176 جي مجموعي اسڪور تي هيري بروڪ کي 31 رنسن تي مچل اسٽارڪ آئوٽ ڪيو، اِها سندس ٽيسٽ ڪيريئر جي 415 هين وڪيٽ هئي، جنهن سان گڏ هو وسيم اڪرم جو 23 سال پراڻو رڪارڊ ٽوڙي، ڊگهي فارميٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون وٺندڙ کاٻڙيل فاسٽ بالر بڻجي ويو.
انگلش ڪپتان بين اسٽوڪس 19، جيمي سمٿ ٻڙي، ول جيڪس 19، گس ايٽڪنسن 4 ۽ برائيڊن ڪارس کاتو کولڻ بنا آئوٽ ٿيو.
جوءِ روٽ هڪ اينڊ تي وڪيٽ سنڀاليندو رهيو ۽ آخري وڪيٽ تي جوفرا آرچر سان گڏ ڏينهن جي پڄاڻي تائين 61 رنسن جي ناقابلِ شڪست ڀائيواري قائم ڪري انگلينڊ جي پوزيشن مضبوط ڪئي.
جوءِ روٽ 135 ۽ جوفرا آرچر 32 رنسن سان ڪرِيز تي موجود آهن.
هي جوءِ روٽ جي مجموعي طور تي 40هين ۽ آسٽريلوي سرزمين تي سندس پهرين ٽيسٽ سينچري پڻ آهي، ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ 40 سينچريون اسڪور ڪندڙ چوٿون انگلش ڪرڪيٽر بڻجي ويو آهي.
آسٽريليا جي طرفان مچل اسٽارڪ 6 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته مائيڪل نيسر ۽ اسڪاٽ بولينڊ هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.