ملڪ جون حالتون بهتر ناهن، الله رحم ڪري\مرتضيٰ جتوئي

لاڙڪاڻو (ن ع آ) جي ڊي اي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ نيشنل پيپلز پارٽي سربراهه غلام مرتضيٰ جتوئي ڏوڪري ۽ باڊهه ٿاڻن تي داخل ڪيسن جي سلسلي ۾ پنهنجي وڪيلن سان گڏجي لاڙڪاڻي جي فرسٽ ايڊيشنل اينڊ سيشن جج جي عدالت ۾ پيش ٿيو، ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر عدالت آڏو پنهنجو بيان قلمبند ڪرايو جنهن کان پوءِ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 20 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي. ميڊيا سان ڳالهائيندي غلام مرتضيٰ جتوئي چيو ته جاچ آفيسر گهڻين پيشين کان پوءِ عدالت ۾ پيش ٿيو جنهن جو بيان عدالت رڪارڊ ڪري ورتو ۽ منهنجو بيان به رڪارڊ ٿيڻو آهي، ملڪ جون حالتون ٺيڪ ناهن، الله هن ملڪ تي رحم ڪري ڇاڪاڻ ملڪ مونجهاري جو شڪار آهي، اڃان تائين 27 هين ترميم گذري ڪونهي وري 28 هين ترميم جي ڳالهه ٿئي پئي، جيڪي به شيون ڪرڻيون آهن ڪوشش آهي ته 28 هين ترميم ۾ ڪيون جيڪڏهن ان ۾ ڪجهه شيون رهيون ته وري 29 هين ترميم به ايندي، صفدر علي عباسي چيو ته غلام مرتضيٰ خان جون پيشيون نوشهرو فيروز ۽ لاڙڪاڻي ۾ هلن پيون، جيڪو صبر سان هر پيشي تي حاضري ڏئي رهيو آهي، 27 هين ترميم جي نتيجي ۾ اسلام آباد ۽ پنڊي ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهي خدشن کي وڌائي رهي آهي، سڀ جي ڊي اي اي جا دوست گڏ آهيون، سنڌ حڪومت مسلسل 18 سالن کان سنڌ جي تباهي ۽ بربادي ڪئي آهي ان خلاف اسان جي جدوجهد جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.