ڊاڪٽر اديب رضوي جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن\وڏو وزير

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته نون قائم ڪيل ايس آئي يو ٽي ٽرسٽ اسپتال ڊائلاسس۽ لٿوٽرپسي سينٽرز سنڌ حڪومت جي هن اٽل عزم جي علامت آهن ته هر شهري کي معياري علاج جي سهولت بنيادي حق طور فراهم ڪئي وڃي. پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ منعقد ٿيندڙ افتتاحي تقريب ۾ خطاب ڪندي وڏي وزير هن سنگ ميل تي ايس آئي يو ٽي کي مبارڪباد ڏني، جنهن ڊاڪٽر سيد هارون احمد ڊائلاسس سينٽر ۽ مس زبيده مصطفيٰ لٿو ٽرپسي يونٽ جو شاهراهه فيصل تي باضابطه افتتاح ڪيو. تقريب ۾ بلاول ڀٽو زرداري، صوبائي وزير صحت ڊاڪٽر عذرا پيچوهو، پروفيسر اديب رضوي، شبّر زيدي، مخير حضرات ۽ ٻين معزز مهمانن شرڪت ڪئي،سيد مراد علي شاهه اسپتال جي منفرد جاءِ جو ذڪر ڪندي چيو ته اها عمارت جيڪا اڳ ڪمرشل هوٽل هئي هاڻي هڪ اهڙي صحت مرڪز ۾ تبديل ٿي چڪي آهي جتي هر ماڻهوءَ جو بنا ڪنهن امتياز جي مفت علاج ڪيو وڃي ٿو،هن زور ڏنو ته SIUT جون خدمتون هر طبقي، هر مذهب ۽ هر علائقي جي ماڻهن لاءِ مساوي طور دستياب آهن سيد مراد علي شاهه حڪومت طرفان جاري ڪيل انگ اکر به پيش ڪيا جن موجب موجوده مالي سال ۾ غير ترقياتي صحت خرچ 343 ارب رپيا ۽ ترقياتي صحت خرچ 424 ارب رپيا آهن۔ هن ڊاڪٽر اديب رضوي جي پنجاهن سالن جي اڻٿڪ خدمتن کي ساراهيندي چيو ته هن هڪ ننڍڙي وارڊ کان SIUT کي ملڪ جي وڏي طبي نيٽ ورڪ ۾ بدلائي ڇڏيو۔ سيد مراد علي شاهه جناح اسپتال ايمرجنسي ٽاور پروجيڪٽ لاءِ حڪومت جي 15 ملين ڊالر جي ادائگي جي به تصديق ڪئي جيڪو 35 ملين ڊالر جي گڏيل لاڳت سان 2029 تائين مڪمل ٿيندو۔ هن چيو ته ان سان جناح اسپتال علائقي جو سڀ کان وڏو طبي مرڪز بڻجي ويندو ۽ ان منصوبي ۾ فيصل ايڌي جو به سهڪار شامل آهي۔ وڏي وزير پيپلز پارٽي جي بنيادي مشن کي ورجائيندي چيو اسان کي ماڻهن جي خدمت ڪرڻي آهي. هن نئين ٽرسٽ اسپتال جي حڪمت عملي واري جاءِ جي اهميت بيان ڪئي جيڪا رورل سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان کان ايندڙ مريضن لاءِ جديد علاج تائين آسان رسائي فراهم ڪري ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.