اسلام آباد(ع آ نيوز) سينيٽ جي ناڻي واري ڪميٽي پاڪستان ۾ ڪرپشن ۽ حڪمراني موجب آءِ ايم ايف جي رپورٽ تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪندي، لاڳاپيل ادارن کان سخت سوال ڪيا ۽ حڪومت کان پڇيو ته ڪرپٽ ادارن خلاف ڪهڙي ڪارروائي ڪئي وئي آهي. ناڻي بابت سينيٽ ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين سينيٽر سليم مانڊوي والا جي صدارت ۾ ٿيو. ميمبرن آءِ ايم ايف جي پاڪستان ۾ ڪرپشن تي ٻڌل رپورٽ تي بحث ڪيو ۽ رپورٽ ۾ ڄاڻايل وڏن ڪرپشن اسڪينڊلن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. ڪميٽي ميمبرن ايس آءِ ايف سي جي ڪارڪردگي، معاهدن جي کوٽ ۽ ملڪ جي معاشي صورتحال تي پڻ سخت تنقيد ڪئي. سينيٽر دلاور خان چيو ته آءِ ايم ايف ملڪ ۾ 5300 ارب رپين جي ڪرپشن جي نشاندهي ڪئي آهي، انهن ادارن خلاف ڇا ڪارروائي ڪئي وئي آهي جن جو رپورٽ ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي؟ وزارت ناڻي جي عملدارن ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي چيو ته حڪومت 2024 ۾ آءِ ايم ايف کان حڪمراني ۾ بهتري لاءِ مدد جي درخواست ڪئي هئي ۽ ان رپورٽ جي سفارشن تحت هڪ پلان ٺاهڻ تي راضي ٿي هئي. رپورٽ جون 2025 ۾ ملڻ واري هئي پر اها دير سان ملي. ناڻي واري وزارت سڀني لاڳاپيل کاتن سان مشورو ڪيو ۽ آءِ ايم ايف کان ڪجهه تبديليون ڪرڻ جي درخواست ڪئي، جنهن کانپوءِ وزيراعظم جي منظوري سان رپورٽ ناڻي وزارت جي ويب سائيٽ تي جاري ڪري ڏني وئي. ڪميٽي سوال ڪيو ته ڇا حڪومت هن رپورٽ ۽ 5300 ارب رپين جي ڪرپشن کي تسليم ڪري ٿي؟ جنهن تي ناڻي وزارت تصديق ڪئي ته ان رپورٽ سان متفق آهي. سينيٽر فاروق ايچ نائڪ سوال ڪيو، ڇا ناڻي وزارت رپورٽ ۾ بدانتظامي، خراب حڪمراني ۽ ڪرپشن جي الزامن کي تسليم ڪري ٿي؟ سينيٽر دلاور خان چيو، ڇا ناڻي وزارت تسليم ڪري ٿي ته 5300 ارب رپين جي ڪرپشن ٿي؟ ۽ ان تي ڇا ڪارروائي ٿيڻ واري آهي ؟ سينيٽر فاروق ايچ نائڪ چيو ته رپورٽ ۾ سنجيده قسم جا الزام لڳايا ويا آهن ۽ انهن کي تسليم ڪرڻ ضروري آهي. ان جو چوڻ هو ته رپورٽ ۾ جيڪي لکيو ويو آهي، اهو سيڙپڪاري کي متاثر ڪري ٿو. گهڻا الزام سياستدانن تي نه پر آفيسرن جي خراب گورننس تي آهن. سينيٽر دلاور خان چيو ته ايف بي آر آفيسرن جي رشوت بابت وڏا معاملا ٿي چڪا آهن ۽ فائرنگ تائين ٿي چڪي آهي، پر ڪنهن خلاف ڪارروائي نه ٿي آهي. سينيٽر عبدالقادر چيو، هن ڪيس کي ٻه سال ٿي چڪا آهن، پر هن تي ڪا ڪارروائي ناهي ڪئي وئي. هن چيو ته هڪ آفيسر حيدرآباد سکر موٽرويز جا اربين رپيا بينڪ مان ڪڍيا، پر ڪا ڪارروائي نه ٿي، سي ڊي اي جو هڪ آفيسر اربين رپين جي ڪرپشن ڪري اڊيالا جيل ۾ وڃي پهتو، اڊيالا ۾ ڊيل ٿي ۽ آفيسر وڏي عهدو تي مقرر ٿي ويو، مافيا حڪومت هلائي رهي آهي .سينيٽ ڪميٽي جي چيئرمين سليم مانڊوي والا چيو ته ڪرپشن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي بجاءِ واڌ ٿي رهي آهي. سينيٽر فاروق ايچ نائڪ چيو ته آءِ ايم ايف هو جيڪو رپورٽ سامهون آڻڻ تي مجبور ٿي ويو سليم مانڊوي والا وڌيڪ سوال ڪيو، ڪرپشن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڇا ڪرڻ جي ڪا حڪمت عملي آهي؟”ڪميٽي ايس آءِ ايف سي جي ڪارڪردگي تي به سوال ڪيو. سينيٽر شاه زيب دراني چيو ته ايس آءِ ايف سي وارا چون ٿا ته ٽيڪس وڌيڪ آهي، ان ڪري سيڙپڪار نٿا اچي سگهن جنهن تي سينيٽر سليم مانڊوي والا چيو ته اهو اهم مسئلو آهي، ان تي وزير خزانه محمد اورنگزيب کان بريفنگ وٺڻ جي ضرورت آهي. ڪميٽي جي اجلاس ۾ انڪم ٽيڪس تيسرا ترميمي بل 2025 کي منظور ڪيو ويو. ايف بي آر جي ڪميٽي کي ٻڌايو ته سپريم ڪورٽ ٽيڪس جا تڪرار حل ڪرڻ لاءِ طريقا بهتر بڻائڻ جا هدايتون ڏنيون. سليم مانڊوي والا چيو، "اسان ايف بي آر کي ڪيترائي ڀيرا چيو آهي ته ٽيڪس تڪرار تي ڪاررو بازي بجاءِ ٽياڪڙي کان حل ڪرڻ گهرجي. سينيٽر فاروق ايچ نائڪ چيو، ” اي ڊي آر سي جو چيئرمين هاءِ ڪورٽ جو ريٽائرڊ جج هجڻ گهرجي، جيڪو ٽيڪس ۽ ڪمرشل قانون جو تجربو رکي. سينيٽر عبدالقادر چيو، جيڪڏهن ريٽائرڊ جج جو ذڪر آهي، ته سڀ ريٽائرڊ جج کي چيئرمين مقرر ڪرڻ جو اختيار هجڻ گهرجي ڪميٽي تفصيل سان غور ڪرڻ بعد انڪم ٽيڪس تيسرا ترميمي بل 2025 کي متفقه طور تي منظور ڪري ڇڏيو.