جنرل(ر)نديم انجم کي اهم ذميواري ملڻ جو امڪان، نوازشريف جو مطالبو ڪهڙو؟

اسلام آباد(عوامي آواز رپورٽ)سينئر صحافي سعيد چوڌري چيو آهي ته سابق ڊي جي آءِ ايس آءِ نديم انجم کي اهم ذميواري ملڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته موجوده سيڪيورٽي ايڊوائزر جنرل عاصم ملڪ جي ممڪن پروموشن ۽ ان کان پوءِ نيشنل اسٽريٽجڪ ڪمانڊ جي ڪمانڊر طور مقرر جو امڪان به خارج نٿو ڪري سگهجي، ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ٻئي پاسي پي ٽي آءِ اڳواڻ شهباز گل چيو آهي ته اسان جي ذريعن مطابق نوازشريف نديم انجم کي قومي سلامتي جو صلاحڪار بڻائڻ چاهي ٿو جڏهن آرمي چيف تائين پيغام پهتو ته هو حيران ٿيو پر کيس ٻڌايو ويو ته توهان کي به رٽائر ٿيڻ کانپوءِ ئي آرمي چيف لڳايو ويو هو،جڏهن کان عاصم ملڪ کي قومي سلامتي جو صلاحڪار لڳايو ويو آهي هن آمريڪا ۾ اهم شخصيت لاءِ راهه هموار ڪئي آهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.