انور پيرزادو وليم ورڊس ورٿ جي اھا سٽ اڪثر ورجائيندو ھيو ته Poetry is the spontaneous overflow of the powerful feelings
مطلب شاعري طاقتور جذبن جو بي ساخته اظھار آھي. ھي ڪتاب پڙھي به ان ڳالهه جو احساس ٿئي ٿو. ھر ماڻھو احساس رکي ٿو، جڏھن ماڻھو پنھنجن جذبن جو اظهار بنا ڪنھن رک رکاءُ جي جيئن جو تيئن پيش ڪري ٿو ته شاعري بڻجي وڃي ٿي. بينا مسرور جي شاعري به طاقتور جذبن جو بي ساخته اظھار آھي.
بينا مسرور جو تعارف مون وٽ ھڪ ٽي وي ايڪٽريس جو ھيو. ننڍي ھوندي سنڌي ٽي وي ڊراما ناٽڪ سڀا، ناٽڪ رنگ ۽ ٻيا سولو پلي ڏسندا ھيا سين جيڪي ان دور جون ڄڻ آرٽ فلمون ھونديون ھيون، انھن ڊرامن ۾ ھڪ انوکو آواز بينا مسرور جو ھوندو ھيو جيڪو اداڪاري توڙي خوبصورتيءَ ۾ نمايان ھوندو ھيو. اھا خبر ته ھاڻي ٿي پوي ته بينا شاعري به ڪندي آهي جڏھن سائين بيدل مسرور سندس ڪتاب مونکي تحفي طور ڏنو هو. جيئن ته ان ڪتاب ۾ نثري نظم گھڻا ھيا ۽ مان پاڻ به نثري نظمن جو شاعر آھيان تنھنڪري ڪتاب کولي پڙھڻ لڳس ته پڙھندو ئي ويس. سچ پڇو ته مونکي اميد نه ھئي ته ھن ڪتاب ۾ ڪيترائي متاثر ڪندڙ نظم ھوندا. جڏھن ھن ڪتاب جا نظم پڙھجن ٿا ته ڪجهه نظمن کان پوءِ وري ھڪ اھڙو نظم اچي ٿو وڃي جيڪو حيران ڪري ٿو وڃي.
ادب ھڪ تخليقي صنف آهي سو جيڪڏھن ان ۾ تخليقيت ئي نه ھوندي ته باقي ڇا بچي ٿو؟ ھڪڙا ماڻھو ٽيڪنيڪ تي زور ڏيندا آهن مون لاءِ تخليق ۾ تخليق ھجڻ ضروري آھي. تخليق مطلب ڪا نئين شيءِ پيدا ڪرڻ. ساڳئي شيءِ ٻيھر چوڻ سان پنھنجو مزو وڃائي ويھندي آھي. تخليق ماڻھوءَ کي ڇرڪائي وجھندي آهي. بينا مسرور جي شاعري ۾ اھڙا تخليقي ڇرڪائيندڙ نظم جام ملن ٿا.
ڪنھن پڇيو
مون اڪثر آھي ڏٺو
تنھنجي بيڊ شيٽ ھوندي آھي
ھميشه
صاف گھنجن کان آزاد
مون ڪجهه نه چيو
اک مان ڳوڙھو ڪريو
صاف گھنجن کان آزاد
بيڊ شيٽ ۾ جذب ٿي ويو
*
وئشيا واري نظم ۾ ھي تخليقي سٽ ڏسو
ھر ڏينھن ھڪڙو مرد پِني ٿي
*
مان تو ۾ ڳولھيان پاڻ کي
يا
پاڻ ۾ ڳولھيان توکي!
*
رات جو پھر پھر
ڦڙو ڦڙو ڪري پيتم
تنهائيءَ جو زھر
*
ڪيترائي نظم احساسن سان ڀريل آھن. جيئن ته ھيءَ ھڪ عورت جي شاعري آهي تنھنڪري عورتاڻا اظھار نمايان نظر اچن ٿا.
خيال
سڪو سيءُ
ٻاھر مينھن
اندر ۾ آڳ
انڌيري رات
لائيٽ آف
ڪمري ۾
بستري تي
توکان پري
مون سان گڏ
صرف تنھنجو خيال…!
*
چنڊ تي پھرو ناھي
اسين ھڪٻئي کان پري صحيح
سئو پھرا سھي
پر پوءِ به
اسان جون نظرون
ھڪٻئي سان ملن ٿيون
ٺيڪ ان وقت جڏھن
چنڊ آڪاش تي نڪري ٿو
*
دل جي ڳالهه
پوءِ به مون ڏٺي آهي
تنھنجي چھري تي اھا ريکا
جنھن جي اظهار لاءِ
ڪنھن زبان جي ضرورت ناھي
*
شاعر جي شاعريءَ ۾ جيڪڏھن ان دور جو سماج نظر نه اچي ته اھا ڪوڙي شاعري چئبي. شاعري سماج جو سچو عڪس ٿيندي آھي. بينا مسرور جي شاعريءَ ۾ سماج جو حقيقي عڪس پسي ٿو سگهجي.
ڪراچي
چو طرف سانت آ
ظلم جو اوچو ڳاٽ آ
رڳو ڳجھون ٿيون لامارا ڏين
وک وک تي پيو لاش آ
سج لٿو ڌرتيء جي ڪک ۾
رت ۾ ٻڏل آڪاش آ!
*
ٽائيٽل سان سڃاڻڻ مشڪل آ،
دنيا لائبرري، ماڻھو ڪتاب آ
*
مجبوري
مون تي
جيڪي زنجير وڌا ويا آهن
تن کان ٿي سگھان ٿي آزاد
ڇو ته اھي زنگجي ويا آهن
۽ ھڪڙي سَٽ سان ٽٽي ٿا سگھن
پر ھاڻ
مان پاڻ
انھن کي ٽوڙڻ نه ٿي چاھيان
ڇو ته مان
انھن جي عادي ٿي وئي آھيان!
*
رومانٽڪ شاعري ته ھر شاعر لکندو آھي پر اھا شاعري جيستائين ٻين جي شاعريءَ کان مختلف نه ھوندي دل ۾ جاءِ ٺاھي نه سگھندي. بينا مسرور جي ڪيترن ئي نظمن منھنجي دل ۾ جاء ٺاھي آھي.
روٽين
معني ڀريل
گھوريندڙ اکيون
۽ بند چپ
تنھنجي منھنجي
لنگھي وڃڻ کان پوءِ
کليو پون
سس پس ڪن
پر تڏھن به
تون ۽ مان
لاپرواهيءَ سان
ھلندا ٿا رھون
ملندا ٿا رھون
روزانو!
*
ڀر ۾ ويٺو آھين پر
تون ھن پار مان ھن پار
سالن کان گڏ آھيون پر
پنھنجون سوچون آھن ڌار
*
اندر ڪيڏو آواز ٿيو
دل ٽٽي پئي
ٻاھر ڪنھن کي پتو نه پيو
*
ھر گھٽيءَ ھر رستي تي
ماڻھن جو انبوھ آھي
ڪجهه ٻڌڻ ۾ نه ٿو اچي
اندر ۾ ايڏو شور آھي
*
بينا مسرور جا نثري نظم فڪر انگيز آھن. ھن ڪتاب جو عنوان رکڻ جو اختيار جي مون وٽ ھجي ھان ته مان ”سھڻل يار“ رکان ھان. بينا مسرور کي ٿوري رھنمائي ملندي ته ھن جي ٽيلينٽ ۾ اڃان اضافو ٿيندو. مان اھا ئي وينتي ڪري ٿو سگھان ته بينا مسرور لکڻ نه ڇڏي ۽ پنھنجا احساس اظھاريندي رھي جيئن سنڌي ادب کي اھڙا تخليقي، احساساتي، رومانوي، سماجي نظم ملندا رھن.
ڪڏھن ڪڏھن ڪا ننڍڙي چڪ
پورو جيون ڀرائيندي آھي
رڳو زھر جا ڍڪ!
(بينا مسرور جي زندگيءَ تي لکيل)